پيٽرول سبسڊي: سنڌ حڪومت موٽرسائيڪل مالڪن کي 2 ھزار ڏيڻ جي شروعات ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

ڪراچي: وڏي وزير مرادعلي شاھ خاطري ڪرائيندي چيو آھي تہ اپريل ۾ 2 ھزار رپين جي سبسڊي ڏني ويندي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تہ صوبي ۾ ھر موٽرسائيڪل سوار کي 2 هزار رپين جي سبسڊي ڏني ويندي۽ جيڪڏھن ڪو ماڻهو موٽرسائيڪل پنهنجي نالي ڪرڻ چاهي ٿو تہ ان جي فيس ختم ڪئي وئي آهي۔

هن وڌيڪ چيو تہ موٽر سائيڪل سوارن لاءِ 20 ليٽر تي سبسڊي جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ هاڻي ان سلسلي جي شروعات ٿي چڪي آهي۔

مراد علي شاھ موجب موٽرسائيڪل شهري جي نالي تي رجسٽرڊ هجڻ لازمي آهي، جڏھن تہ ايسڪائيز کاتي جي ويب سائيٽ تان رجسٽريشن چيڪ ڪري سگهجي ٿي ۽ کاتي جون آفيسون صبح کان رات تائين کليل رھنديون ۔

هن چيو تہ موٽرسائيڪل استعمال ڪندڙن کي آن لائين نظام ذريعي سڌو بينڪ اڪائونٽ ۾ فيول سبسڊي ملي ويندي، ان لاءِ ضروري آهي تہ موٽر سائيڪل ۽ بينڪ اڪائونٽ ٻنهي جو نالو ساڳيو هجي۔

هن اهو بہ ٻڌايو تہ واپارين سان ملاقات ٿي آهي، جن جا مختلف تجويزون ھيون ۽ وفاقي حڪومت کي چيو ويو آهي تہ اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت بعد جواب ڏنو ويندو، صوبي ۾ لڳ ڀڳ 6.7 ملين رجسٽرڊ موٽر سائيڪلون آهن۔

مراد علي شاھ چيو تہ شهري taxportal.excise.gos.pk تي سبسڊي لاءِ رجسٽريشن ڪندا ۽ موٽرسائيڪل جي رجسٽريشن منتقلي هفتي جي موڪلن تي بہ ٿي سگهندي، جيڪڏھن ڪنهن جي نالي تي هڪ کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون آهن تہ صرف هڪ تي سبسڊي ملندي۔

هن وڌيڪ چيو تہ ٽرانسپورٽرز سان بہ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي ۽ انهن ڀاڙا نہ وڌائڻ جي تصديق ڪئي آهي، جيڪڏھن ڪو وڌيڪ ڀاڙو وٺي ٿو تہ اهو ڏوھ هوندو ۽ ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي۔

آخر ۾ هن چيو تہ حڪومت ٽرانسپورٽرز کي پئسا ڏيڻ بدران سڌو عوام تائين سبسڊي پهچائي رھي آهي، ۽ ضروري آهي تہ سبسڊي سڌي طرح حقدارن تائين پهچائي وڃي۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں