ملتان سلطانز جي اسٽو سمٿ ميچ کانپوءِ ڳالھہ ٻولھ دوران پيٽر سڊل کي “چاچا” چئي مخاطب ڪيو۔
چاچا سڏڻ کان پوءِ ٻئي ڪرڪيٽر خوشگوار موڊ ۾ مرڪندي نظر آيا، ٽھڪڙن جي گونج رھي.
واضح رھي ته آسٽريليا جي وڏي ڪرڪيٽ ليگ دوران حارث رئوف پيٽر سڊل کي چاچا سڏڻ شروع ڪيو هو، جڏھن تہ ڪجهه ڏينهن اڳ سڊل ميڊيا سان ڳالهائيندي ان تي خوشي جو اظهار ڪيو۔
پيٽر سڊل پاڻ کي “پرڏيهي چاچا” ۽افتخار احمد کي “مقامي چاچا” چيو هو۔
اسٽو سمٿ ۽ پيٽر سڊل ملتان سلطانز جي هڪ ٻي ڪاميابي ۽ پوائنٽنس ٽيبل تي مٿي اچڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو۔
پيٽر سڊل چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ٽاس کٽيي، جيڪو هميشه سٺو هوندو آهي، پهريان بالنگ ڪئي ۽ هن ڀيري بالنگ به سٺي رھي.
سندس چوڻ ھو تہ اسان جو مقصد اهو هو ته مخالف ٽيم کي گهٽ اسڪور تائين محدود رکون، اسٽو سمٿ هڪ ڀيرو ٻيهر سٺي اننگ کيڏي، ڪڏهن مايوس نٿو ڪري، فرحان سان سندس ساٿ ڏسي سٺو لڳندو آهي۔