پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ھفتي جي پھرين ڏينھن تي ئي ٻاڙائي رڪارڊ ڪئي وئي آھي.
100 انڊيڪس ۾ ڪاروبار دوران 1037 پوائنٽس جي گھٽتائي رڪارڊ ٿي، جنھن بعد انڊيڪس ھڪ لک 49 ھزار 361 پوائنٽس تائين ڪِري پيو.
ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 49 ھزار 291 جي ھيٺين سطح تائين پھتو، جڏھن تہ ھڪ لک 51 ھزار 453 جي بلندي تائين بہ ويو.
واضح رھي تہ گذريل ھفتي جي آخري ڏينھن ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس ھڪ لک 50 ھزار 398 پوائنٽس تي بند ٿيو.
ٻئي پاسي انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ ھڪ پيسو گھٽتائي ٿي، جنھن بعد ڊالر 279 رپيا 9 پيسن جو ٿي ويو.