پاڪستان سپر ليگ جي ٽيم ڪراچي ڪنگز ۾ شامل يو اي اي جا 2 رانديگر وطن واپس روانا ٿي ويا۔
ذريعن موجب خزيمہ بن تنوير ۽ محمد وسيم کي اماراتي بورڊ وطن واپس سڏ ڪيو آهي، کين يو اي اي جي ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ D50 ۾ شرڪت ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي.
ٻنهي رانديگرن کي D50 جون 2 ميچز کيڏڻ کانپوءِ ٻيهر ڪراچي ڪنگز ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ملي سگهي ٿي۔
ڪراچي ڪنگز جي ايندڙ ميچ 9 اپريل تي پشاور زلمي جي خلاف شيڊيول آهي.