سنڌ حڪومت پيٽرول مھانگو ٿيڻ بعد عوام کي ٽرانسپورٽ ۽ پيٽرول تي سبسڊي جو اعلان ڪيو آھي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاھ وزيراعلي هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت ڏکين حالتن باوجود عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيترائي عملي قدم کنيا ويا آهن۔
ھن چيو ته 28 فيبروري 2026ع کان اڳ لاڳو ڪيل ٽيڪس ۽ چارجز اوڳاڙيا ويندا، جڏھن تہ آئين موجب اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي سان صوبن جو حصو وڌندو، جيڪو صوبن لاءِ فائدي وارو هوندو۔
هن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت پهرين هفتي پيٽرول جي قيمت ۾ 55 رپيا واڌ ڪئي، جنهن بعد ٽن هفتن تائين قيمتن ۾ واڌ نه ڪئي وئي، وفاق موجب ان عرصي دوران لڳ ڀڳ 129 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا ته جيئن عوام تي وڌيڪ بار نه پوي۔
وڏي وزير چيو ته ٽرانسپورٽرز کي رليف ڏيڻ لاءِ وفاق صوبن کان مالي مدد گهري، جنهن تي سڀني صوبن گڏجي هڪ مهيني لاءِ حصو وجهڻ تي اتفاق ڪيو، هن وضاحت ڪئي ته جيڪڏھن مڪمل عمل ٿيو ته سنڌ کي لڳ ڀڳ 14 ارب رپيا ڏيڻا پوندا، جڏهن ته وڏن صوبن تي وڌيڪ بار پوندو۔
عوام لاءِ سبسڊي
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت موٽر سائيڪل سوارن، هارين ۽ ٽرانسپورٽرز لاءِ سبسڊي اسڪيم شروع ڪئي آهي ته جيئن عام ماڻهو کي سڌو فائدو ملي سگهي۔ هن چيو ته سرڪاري ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌائڻ بدران ساڳيا رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن سان هڪ مهيني ۾ 3 کان 4 ارب رپين جو اضافي خرچ حڪومت برداشت ڪنديئ
وڏي وزير موجب صوبي ۾ لڳ ڀڳ 11 هزار سرڪاري بسون هلن ٿيون، پر انهن کي استعمال ڪندڙن جو انگ محدود آهي، تنهن ڪري رليف جا ٻيا طريقا اختيار ڪيا ويا آهن ته جيئن وڌيڪ ماڻهن تائين فائدو پهچي سگهي۔
گڊ ٽرانسپورٽ سبسڊي
گڊس ٽرانسپورٽ بابت ڳالهائيندي هن چيو تہ ان شعبي کي به سبسڊي ڏني پئي وڃي، پر ضروري آهي تہ ان جو فائدو سڌو عوام تائين پهچي، هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ان حوالي سان وڌيڪ اثرائتا قدم کنيا وڃن۔
تعليم جي صورتحال
تعليم بابت وزيراعليٰ چيو ته شاگردن جي لاء ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا نه وڌايا ويندا ۽ اسڪولن کي به سبسڊي ڏني ويندي ته جيئن والدين تي مالي بار نه پوي۔
هن واضح ڪيو ته بغير روٽ پرمٽ جي گاڏي هلائڻ غيرقانوني آهي ۽ سڀني ٽرانسپورٽرز کي پابند ڪيو ويندو ته قانون موجب روٽ پرمٽ حاصل ڪن ته جيئن هو سرڪاري سبسڊي اسڪيم مان فائدو وٺي سگهن۔
مراد علي شاھ خبردار ڪيو ته علائقي ۾ جاري جنگ سبب مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ملڪ 80 کان 90 سيڪڙو درآمدن تي دارومدار رکي ٿو، في الحال پيٽرول پمپن تي پيٽرول ۽ ڊيزل موجود آهي ۽ سپلاءِ برقرار آهي۔
آخر ۾ هن چيو ته حڪومت جو بنيادي فرض آهي تہ ڏکين حالتن ۾ عوام جو ساٿ ڏئي، ان لاءِ وفاق ۽ ٻين صوبن سان صلاح مشورا جاري آهن، جڏھن ته مارڪيٽن ۾ اگهن جي نگراني کي به وڌيڪ سخت ڪيو ويندو ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪري سگهجي.