ڪراچي : وائٽ ھائوس جي اڳوڻي چيف راھم ايمينوئل انڪشاف ڪيو آھي تہ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو بل ڪلٽن، باراڪ اوباما، جارچ بش ۽ جو بائيڊن سميت ھر آمريڪي صدر کي ايران خلاف وڏي فوجي ڪارروائي جي درخواست ڪئي ھئي.
وائٽ ھائوس جي اڳوڻي چيف اسٽاف راھم ايميونئل موجب ھر آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم جي درخواست تي ايران خلاف جنگ جي خطرن جو جائزو ورتو ۽ فيصلو ڪيو تہ ھي آمريڪي قومي مفاد ۾ ناھي ۽ سمورن صدرن صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد انڪار ڪيو، تنهنڪري اسرائيل کي ذميوار قرار ڏيڻ آمريڪي صدر جي آئيني ذميواري جي برابر آهي۔
هن چيو تہ آمريڪا جو نظام اهو آهي تہ صدر چونڊيو ويندو آهي، حلف کڻندو آهي ۽ ڪمانڊر اِن چيف بڻجي ويندو آهي، فوجين جي جانين بابت فيصلو بہ اهو ئي ڪندو آهي، هاڻي ٻن ٻارن جو پيءُ، جنهن جا 7 مهينن جا جاڙا ٻار آهن، اھي ڪڏھن بہ پنهنجي پيءُ کي نہ ڏسندا ۽ انهن جي گهر ۾ هڪ ڪرسي هميشہ لاءِ خالي رھندي۔
راهم ايمينوئل وڌيڪ چيو تہ هي فيصلو صدر جو آهي، ڪنهن ٻئي کي ذميوار قرار ڏيڻ بي معنيٰ آهي۔……..