پيٽرو مھانگو ٿيڻ خلاف سنڌ جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا.
پيٽروليم شين جي اگھن ۾ واڌ عوام جون متيون منجھائي ڇڏيون، سنڌ جي مختلف شھرن ۾ مظاھرا ڪيا ويا.
ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، شھيدبينظيرآباد ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ننڍن وڏن شھرن ۾ پيٽرول مھانگو ٿيڻ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو.
ٺل، راڄوکاناڻي، ميھڙ، نندو ۽ ٻين شھرن ۾ ٽيڪسي، رڪشا ڊرائيورن ۽ شھرين طرفان احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا.
حيدرآباد، سکر، شڪارپور، ٽنڊو باگو، تلھار، منھڙو، ٺٽو، ھالاڻي، ڪڙيو گھنور، ميرپور ماٿيلو، ڪيٽي بندر ۽ ٻين شھرن ۾ بہ مظاھرا ٿيا.
عمرڪوٽ، ٺٽو، محبت ديرو، ڪڍڻ، مٽياري، رتوديرو، دادو، ڪنڊيارو، کورواھ ۾ بہ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا.
ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، ڪنري، شھدادپور، جھوڪ شريف، نوشھرو فيروز، فريدآباد، قبوسعيد خان ۽ ٻين شھرن ۾ بہ احتجاج ٿيا.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اڳواڻن چيو تہ حڪومت گذريل رات عوام تي پيٽرول بم ڪيرايو.
سندن چوڻ ھو تہ اڳ ئي مھانگائي سبب پريشان ھئا، ويتر پيٽرول اگھن ۾ واڌ ڪئي وئي. اڳواڻن مطالبو ڪيو تہ پيٽرول اگھن ۾ ٿيل واپ واپس ورتي وڃي.