سهڙيندڙ: شڪيل سومرو
سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ڪي لمحا اهڙا آهن، جيڪي رڳو واقعا ناهن، پر طاقت، نفسيات ۽ سماجي ڍانچي جي گهري عڪاسي ڪن ٿا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ خانبهادر ايوب کهڙو وچ ۾ 1971ع ۾ ٿيل خطن جي ڏي وٺ به اهڙو ئي هڪ نادر دستاويز آهي، جيڪو ذاتي رنجشن کي سياسي فلسفي سان ڳنڍي پيش ڪري ٿو.
هي خط ڊاڪٽر حميده کهڙو جي ڪتاب
“Muhammad Ayub Khuhro: A Life of Courage in Politics” ۾ محفوظ آهي، جيڪو ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ تلخ لاڳاپن کي بي نقاب ڪري ٿو، 1971ع پاڪستان جي تاريخ جو فيصلائتو سال هو. اوڀر پاڪستان ۾ بحران، اقتدار جي ڇڪتاڻ، ۽ سياسي بيچيني پنهنجي عروج تي هئي.
ذوالفقار علي ڀٽو نئين سياسي لهر (سوشلزم، عوامي سياست) جو نمائندو ٿي سامهون آيو، هي خط دراصل ٻن نسلن، ٻن سوچن ۽ ٻن سياسي فلسفن جو ٽڪراءُ آهي.
ڀٽو پنهنجي خط ۾ کهڙو تي سخت تنقيد ڪندي ڪيترائي الزام لڳائي ٿو، ذوالفقار علي ڀٽو خانبهادر ايوب کهڙو ڏانهن اماڻيل خط ۾ لکي ٿو،. 17 سيپٽمبر تي اوهان مون کي پنهنجي ڌيء حميده کهڙي جي اڻوڻندڙ رويي تي معذرت وارو خط لکيو ,جنهن عزت ڀرئي ماڻھو جي خلاف استعمال ٿيندڙ سمورا لفظ ڄڻ ته وساري ڇڏيا آهن .بهرحال گذريل سٺ سالن کان به وڌيڪ عرصي کان منهنجي ۽ منهنجي ڪٽنب سان اوهان جي ورتاء جو تسلسل ٻه ڏينهن اڳ صدر يحي خان کي اوهانجي شهري طور لکيل ان خط مان به ظاهر ٿئي ٿو جنهن ۾ اوهان 11 سيپٽمبر تي قائداعظم جي مزار آڏو عوام جي حقن جي بحالي لاء ڪيل منهنجي تقرير سبب مون کي گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي. اميد اٿم ته اهو چوڻ تي مون کي معاف ڪندا ته اهو ڪانئرتا ۽ منافقت جو اعلي مثال آهي .پر مون کي ڪا حيرت نه لڳي .اسين تو کي چڱي ريت سڃاڻون .اسانکي اها توريل تڪيل خبر آهي ته توهان پنهنجي ذاتي زندگي ۽ سياسي زندگي ۾ ڪهڙي ريت ورتاء پئي رکيو آهي.
ذوالفقار علي ڀٽو وڌيڪ لکي ٿو:
مون کي يادڪرائڻ جي اجازت ڏيو ته منهنجي والد سر شاهنواز خان ڀٽي جنهن جي اوهان هاڻوڪي خط ۾ تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي ,تي اوهان ڪڏھن به جهلون ڪرڻ جو موقعو هٿان نه وڃايو آهي. بابا جي اوهان سان پهرين ملاقات اوهانجي جواني واري ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ اچڻ تي ان مهل ٿي جڏھن اوهان ضلعي جي هڪ ننڍڙي پر محنتي کاتيدار شاھ محمد کهڙو سان رعايت ڪرڻ لاء بولس صاحب کي سفارش ڪرائڻ آيا هئا.
ڀٽو لکي ٿو:
1923 کان وٺي ٿيندڙ سمورين چونڊن ۾ اوهان بابا (سر شاهنواز ڀٽو ) خلاف سازشون ڪيون پر هن 1937 ع وارين فيصلائتي چونڊن تائين سڀني ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کنيا (1937 وارين چونڊن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ذوالفقار علي ڀٽو کي هارايو هو: سنڌيڪار). توهان جي دشمناڻي ورتاء جي باوجود بابا سدائين اوهان جو گهڻگهرو رهيو ۽ اوهان کي سنڌ محمدن ايسوسئيشن جو نائب صدر ڪيائين ,جنهن جو پاڻ صدر هو. .1928 وارن وڳوڙن دوران جيڪڏھن بابا واهر نه ڪري ها ته وڏي ڏچي ۾ اچين وڃين ها. منهنجي چاچي سردار واحد بخش خان ڀٽي کي بدنام زمانه خان زادي قتل ڪيس ۾ ڦاسايو ويو.توهان کيس سزا ڏيارڻ لاء زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو.
ڀٽو وڌيڪ لکي ٿو:
اوهان لنڊن ۾ ڪوٺايل پهرين ۽ٻين گول ميزڪانفرنس دوران بابا کي سنڌ ۾ بمبئي پريذيڊنسي جي مسلمانن جي نمائندگي ڪرڻ کان محروم ڪرڻ واسطي ننهن چوٽي جو زور لڳايو.
ڀٽو لکي ٿو:
سوشلسٽ ھئڻ ناتي آئون جاگيرداري جو مخالف آهيان .ان هوندي اوڏي مهل دنگ رهجيو وڃان جڏھن اوهان پنهنجي عظيم الشان جاگيرداراڻي ماضي جون وڏيون دعوائون ٿا ڪريو. ڪيڏو نه چٽو پٽو ڪوڙ آهي ؟
آئون ماضي کي ڦلهوڙڻ نٿو چاهيان متان اوهين لڄي نه ٿيو .
1937 وارين چونڊن کان اڳي بابا ۽ اوهان هڪٻئي جي مخالفت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو , پر اوهان انهي هم خيالي جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي ڪئي. اوهان جي انهي واعدي خلافي جي باوجود بابا پنهنجي قول تي قائم رهيو ۽ اوهان جي سامهون پنهنجو اميدوارنه بيهاريائين .اوهان جي سازش ڪري گهٽ پر اسان جن ويجهن مائٽن جي بي وقوفي سان بابا جيڪو تن ڏينهن ۾ سنڌ جي گورنر جو مکيه صلاحڪار هو ,چونڊن ۾ هارائي ويو .تن ڏينهن ۾ ھو 49 سالن جو مس هو ۽ هڪ ڏھاڪي کان به وڌيڪ عرصي تائين سنڌ جي سياست تي سندس ڌاڪو رهيو. هو نه رڳو سنڌ پربمبئي پريزيڊنسي جي مسلمانن جو به مڃتا ماڻيل اڳواڻ هو .ان سڀ جي باوجود هن نسبتن ننڍي ڄمار ۾ ئي سياست تان رضاڪاراڻي دستبرداري جو فيصلو ڪيو.
ڀٽو لکي ٿو:
بابا جي سياست تان هٿ کڻڻ کان پوء به هو اوهان جي لاڳيتو مدد ڪندو رهيو .جڏھن اوهين الله بخش سومرو قتل ڪيس ۾ ملوث هئا تڏھن بابا اوهان جي واهر ڪئي.
ڀٽو دعويٰ ڪري ٿو تہ
سندس والد، اوهان کي ڪيترن بحرانن کان بچايو، خاص طور الله بخش سومرو قتل ڪيس ۾ مدد ڪئي، هو لکي ٿو ته بيگم کهڙو سکر جي سرڪٽ ھائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪري اوهان جي جان بخشي لاء ٻاڏايو هو.
هن اهو ان لاء ڪيو جو اوهان کي ننڍپڻ کان سڃاتائين ٿي ۽ هن ئي اوهان تي شهرت جا در کوليا. .اهو ياد رکو هن اهو ڪجھ الله بخش سومرو سان سنگت باوجود ڪيو. اوهان جي حق ۾ سندس شاهدي کانپوء الله بخش سومرو جي ڀاء مولابخش کي بابا جهڙي همراھ مان قاتل کي بچائڻ جي توقع نه هئي .
ڀٽو، کهڙو تي الزام لڳائي ٿو ته هن صدر يحيٰ خان کي خط لکي سندس گرفتاري جي گهر ڪئي—جيڪو ڀٽو جي نظر ۾ سياسي بزدلي هئي.، ڀٽو خانبهادر ايوب کهڙو ڏانهن اماڻيل خط ۾ پنهنجي والد سر شاهنواز ڀٽو سان کهڙو جي پراڻين مخالفتن جو تفصيلي ذڪر ڪري ٿو.
خانبهادر محمد ايوب کهڙو جو جواب: دفاع ۽ جوابي وار :
4 آڪٽوبر 1971ع تي کهڙو تفصيلي جواب ڏئي ٿو، جيڪو سياسي ۽ ذاتي ٻنهي سطحن تي ڀٽو کي چئلينج ڪري ٿو، 4 آڪٽوبر 1971ع تي خانبهادر ايوب کهڙو ذوالفقار علي ڀٽو ڏانهن 10 صفحن تي مشتمل پنهنجو جوابي خط اماڻي ٿو.
ايوب کهڙو لکي ٿو:
21 سيپٽمبر1971 ع تي لکيل اوهان جو ڏاڍاين ۽ غيرمناسب انداز ۽ مڪمل طور تي غلط ۽ بي بنياد معلومات تي ٻڌل خط مليو،. اوهان جي ايترو مشتعل ٿيڻ جو اصل سبب جنهن کانپوء اوهان اخلاق ۽ ادب جا سمورا بند ٽوڙي ڇڏيا آهن . اهو اهو آهي ته صدر يحي خان اوهان کي منهنجو لکيل ذاتي خط ڏيکاريو آهي.
کهڙو لکي ٿو:
مون صدر کي پنهنجي خط ۾ ڪا نئين ڳالھ نه ڪئي آهي. ستين تاريخ تي حيدرآباد ۽ 11 سيپٽمبر تي قائداعظم جي مزار تي ڪيل اوهان جون تقريرون انتهائي اشتعال ڏياريندڙ ھيون ,جن ۾ شهري علائقن جي صنعتي پورهيتن , ڳوٺاڻي علائقن جي هارين سان گڏوگڏ شاگردن ۽ نيم پڙھيل ڳڙھيل بي روزگار نوجوانن کي تشدد تي ڀڙڪايو اٿو.
ايوب کهڙو خط ۾ لکي ٿو ، اسين ملڪ جا قانون پسند ۽ امن پسند شهري برداشت نٿا ڪري سگهون ته اولھ پاڪستان به ساڳي پيڙا مان لنگهي جنهن جو شڪار اوڀر پاڪستان رهيو آهي، هو وڌيڪ لکي ٿو، آئون پنهنجي زندگي ۾ ھڪ ڀيرو به اوهان جي والد سر شاهنواز ڀٽو سان ملڻ اوهان جي ڳوٺ نه آيو آهيان. ساڻس منهنجي پهرين ملاقات تڏھن ٿي هئي جڏھن آئون لاڙڪاڻي واري مدرسي ۾ پڙھندو هوس ۽ اوهان جو والد ان جي گورننگ باڊي ۾ هو. 1917 ع ۾ آئون انگريزي پنجين ڪلاس جو شاگرد هوس, جو هو اسان جي ڪلاس جو زباني امتحان وٺڻ آيو هو ۽ مون کي بعد ۾ پتو لڳو ته هن مون کي منهنجي قابليت کان وڌيڪ مارڪون ڏنيون . اها ڪنهن حد تائين جانبداري هئي. هن مون سان قربائتو ڳالهائيندي بابا جي صحت جو پڇيو هو.
انگريز عملدار بولس جي حوالي سان هو لکي ٿو
جناب اي جي بولس جنهن کي آئون پنهنجي مدرسي بورڊ جي صدر طور سڃاڻندو هئس. انتهائي شفيق ۽ بااخلاق شخص هو ۽ ان ڪري بابا ۽ سندس وچ ۾ ڪنهن تڪرار يا جهيڙي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جنهن جي اوهان جي والد ٽياڪڙي ڪئي هجي .
هو لکي ٿو بابا شاھ محمد خان ڪنهن به ريت ننڍو کاتيدار نه هو ,جيتوڻيڪ کيس جواني جي ڏينهن ۾ سخت محنت ڪرڻي ٿي پئي جيڪا منهنجي خيال ۾ هر زميندار کي ڪرڻ گهرجي. سڄي ضلعي ۽ سنڌ جا ماڻھو ڄاڻن ٿاته هو ضلعي جي وڏن زميندارن مان هڪ هو.
ايوب کهڙو لکي ٿو
اوهان جو بابا سر شاهنواز ڀٽو اوهان وانگر انتقام پسند يا ڪوتاھ انديش نه هو. اپريل 1924 ع ۾ بمبئي کان سمنڊ وسيلي ڪراچي پهچڻ تي آئون ڪجھ وقت ڪراچي ۾ ترسيس ۽ ان عرصي دوران ساڻس حاجي ڊوسل جي ڪلفٽن واري بنگلي تي جتي هو ترسيل هو اڪثر ملڻ ويندو هوس. جڏھن سائمن ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جي مخالفت ڪئي ته سيد ميران محمد شاھ ساڻن اختلافي نوٽ لکي سنڌ جي علحدگي جو پرجوش انداز ۾ ڪيس رکيو. سر شاهنواز ڀٽو ان سان سهمت ٿيڻ کان نابري واري ۽ سنڌ کي بمبئي سان ڳنڍي رکڻ واري سرڪاري سائمن ڪميشن تي صحيح ڪيائين . اهو 1930 جي شروعات ۾ پيش آيو.
خانبهادر کهڙو لکي ٿو، سر شاهنواز ۽ منهنجي وچ ۾ ڏڦيڙ دراصل سنڌ جي علحدگي واري مامري تي پئدا ٿيو.، کهڙو وڌيڪ لکي ٿو، اوهان مئي 1928 ع دوران لاڙڪاڻي ۾ هندو مسلمان فسادن جو به ذڪر ڪيو آهي. آئون مسلمانن جي پاسي هوس ,اوهان جو والد وچٿرو هو .اهو مڪمل طور تي غلط آهي ته هن مون کي وڳوڙن جي الزام هيٺ جيل وڃڻ کان بچايو. دراصل آئون وڳوڙ ختم ٿيڻ جي ڪجھ عرصي کان پوء ئي لاڙڪاڻو پهتو هوس ۽ مون کي انهن وڳوڙن ۾ ملوث ڪرڻ جو سوال ئي نه ٿي پيدا ٿيو.
کهڙو اڳتي هلي لکي ٿو
اوهان پنهنجي خط ۾ دعوا ڪئي آهي ته اوهان سوشلسٽ آھيو ۽ جاگيرداري جا مخالف.انهي دعوا مون کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي.توهان جاگيرداري جي پئداوار آهيو ۽ چونڊ مهم دوران پنهنجي ڪجھ تقريرن ۾ دعوا ڪئي اٿو ته توهين منهنجي ڀيٽ ۾ وڏا زميندار ۽ وڌيڪ شاهوڪار آهيو. ان سان آئون لڄي نٿو ٿيان ڇاڪاڻ جو اها ڳالھ گهڻي حد تائين درست به آهي .
کهڙو لکي ٿو 1959 ع دوران جڏھن ايوب خان نام نهاد زرعي سڌارن جو اعلان ڪيو ته اوهين سندس وزير ۽ ساڄو هٿ هئا . اوهان سڀني سموري متاثر ٿيندڙ زمين مارشلاء ريگيوليشن 64 جو کاڄ ٿيڻ کان بچائي ورتي پر اسان مان هر ڪو ان جو متاثر بڻيو ، کهڙو لکي ٿو ڪراچي ,لاڙڪاڻي ۽ اباڻي شهر نئون ديرو ۾ شاندار گهر ۽ مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٻي ملڪيت اهو واضح ٿا ڪن ته اوهين شاهوڪار ماڻھو آهيو .جيڪڏھن اوهان سچا پچا سوشلسٽ هجو ها ته ڪافي عرصو اڳ ئي پنهنجي شهري ملڪيت غريب پورهيتن ۽ ڳوٺاڻي ملڪيت لاڙڪاڻي جي غريب هارين ۾ ورهائي ڇڏيو ها.
“جاگيردار سوشلسٽ” جو طنز
کهڙو ڀٽو تي سڀ کان تيز تنقيد ڪندي چوي ٿو،. “توهان جاگيردار آهيو، پر سوشلسٽ هجڻ جي دعويٰ ڪريو ٿا”، ڪوثر نيازي جو حوالو ڏئي، هو ڀٽو جي سياسي تضاد کي نمايان ڪري ٿ، کهڙو لکي ٿو ڇا مون کي خود اوهان جي پارٽي جي انفارميشن سيڪريٽري مولانا ڪوثر نيازي جا لفظ ورجائڻ جي اجازت آهي ته ” توهان جاگيردار آهيو پر ان هوندي به سوشلسٽ