ارشد پپو جي منڍي سان ڇا واقعي فٽبال کيڏيو ويو يا ڌريندر جو پروپگنڊا آھي؟

فہرستِ مضامین

فھميدہ رياض شھواڻي

لياري جي گھٽين۾ فٽبال جو جنون ته سڄي پاڪستان ۾ مشهور آهي، عزير بلوچ به هتان جي گھٽين ۾ فٽبال کيڏي وڏو ٿيو، سندس گهر جي ويجهو ئي فٽبال اڪيڊمي اڄ به موجود آهي. لياري جي گلين ۾ جڏهن گينگ وار جو راڄ هو ته هتان جي گلين اهو دور به ڏٺو جڏهن انساني سرسان فٽبال کيڏي وئي.

ارشد پپو لياري جي منشيات فروش ۽ ٽرانسپورٽر حاجي لالو جو پٽ هو. کيس ڏوهن جي دنيا ورثي ۾ ملي هئي.

شروعات ۾ حاجي لالو ۽ رحمٰن ڊڪيٽ جا خاندان هڪ ئي گروپ جو حصو هئا، پر 1990 جي ڏهاڪي جي آخر ۾ ڀنگ جي رقم جي ورڇ تي انهن ۾ ڦوٽ پئجي وئي. ارشد پپو “لالو گروپ” جو سربراهه بڻيو، جڏهن ته ٻي طرف رحمٰن ڊڪيٽ جو گروپ هو.

2003 ۾ ارشد پپو تي الزام لڳو ته هن عزير بلوچ جي والد ماما فيضو کي اغوا ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي جيڪو هڪ ٽرانسپورٽر هو. فيضو جو گوليون لڳل لاش مبينا طور ٻوري ۾ وجھي اڇلايو ويو. ھن هڪ واقعي لياري جي گينگ وار کي هڪ خانداني دشمني ۽ ذاتي انتقام ۾ بدلائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ عزير بلوچ رحمٰن ڊڪيٽ سان گڏجي ارشد پپو خلاف محاذ کولي ڇڏيو.

لياري روايتي طور پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڳڙهه رهيو آهي، رحمٰن ڊڪيٽ پيپلز پارٽي جي ويجهو رهيو. 2008 کانپوءِ جڏهن ڪراچي ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌي ته گينگ وار جي ڪارندن کي سياسي ڍال فراهم ڪئي وئي. لياري ۾ پيپلز امن ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن جي قيادت رحمٰن ڊڪيٽ ۽ بعد ۾ عزير بلوچ ڪئي، جڏهن ته ارشد پپو ايم ڪيو ايم جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

2012 کان 2013 دوران لياري ۾ تشدد پنهنجي عروج تي پهچي ويو. مختلف گينگن، خاص ڪري عزير بلوچ جي گروپ ۽ ٻين ڌڙن جي وچ ۾ جھيڙا جھٽا معمول بڻجي ويا. گوليون، راڪيٽ لانچر ۽ دستي بم تائين استعمال ٿيڻ لڳا.

عام شهري گهرن ۾ محصور ٿي ويا، اسڪول بند ٿي ويا ۽ ڪاروبار تباهه ٿي ويو، ڪيترن ئي خاندانن کي محفوظ هنڌن ڏانھن لڏپلاڻ ڪرڻي پئجي وئي.

پهرين گينگسٽر منشيات فروشي تائين محدود هئا پر بعد ۾ ان ۾ ڀتا خوري جو عنصر به شامل ٿي ويو. ڪراچي جون هول سيل مارڪيٽون به لياري جي ويجهو واقع هيون جتان ٻئي گروپ ڀتا خوري ڪندا هئا.

آگسٽ 2009 تي رحمٰن ڊڪيٽ کي ايس پي چوڌري اسلم هڪ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ گروهه ۽ امن ڪميٽي جي سربراهي عزير بلوچ وٽ اچي وئي جنهن پيپلز پارٽي کان منهن موڙي ورتو ۽ پنهنجي دشمن ارشد پپو خلاف وڌيڪ سرگرمي اختيار ڪئي.

لياري ۾ عزير بلوچ سان ڇڪتاڻ کانپوءِ ارشد پپو محفوظ جڳهه منتقل ٿي ويو هو، پوليس موجب ارشد پپو پنهنجي ڀاءُ ۽ 10 سالن جي پٽ سان گڏ 16 مارچ 2013 جي رات ڊي ايڇ اي ۾ هڪ دوست جي پارٽي ۾ شرڪت لاءِ ويو هو. ارشد جي پٽ گهر اچي پنهنجي والده کي ٻڌايو ته ٻن گاڏين ۾ لڳ ڀڳ 20 ماڻهو ڊي ايڇ اي جي فليٽ ۾ آيا ۽ سندس والد ۽ ٻن ٻين کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا.

ارشد پپو کي افشاني گلي ۾ آندو ويو يعني جتي رحمٰن ڊڪيٽ جو گهر واقع هو، جتي سرعام کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو، سندن سر قلم ڪيا ويا. بعد ۾ سامهون ايندڙ رپورٽن موجب مخالف گينگ جي ميمبرن ارشد پپو جي ڪٽيل مٿي سان فٽبال کيڏي.

عزير بلوچ جي جي آئي ٽي (JIT) موجب عزير بلوچ اعتراف ڪيو ته پوليس آفيسرن يوسف بلوچ، جاويد بلوچ ۽ چانڊ نيازي جي مدد سان هن لياري گينگ وار جي ارشد پپو، سندس ڀاءُ ياسر ۽ ساٿي کي اغوا ڪيو، انهن ٽنهي جا سر ڌڙ کان ڌار ڪري لياري جي گلين ۾ فٽبال کيڏي ۽ لاشن کي ساڙي ڇڏيو ۽ ان جي وڊيو به ٺاهي. پر مجسٽريٽ آڏو پنهنجي بيان ۾ عزير بلوچ جو چوڻ هو ته هن اهڙو ڪو به بيان ڏنو ئي نه هو.

ارشد پپو جي قتل کانپوءِ لياري تي عزير بلوچ جي گرفت مضبوط ٿي وئي، اها پاڪستان پيپلز پارٽي جي ئي حڪومت هئي جڏهن پيپلز امن ڪميٽي تي پابندي مڙهي وئي ۽ بعد ۾ جڏهن نواز شريف جي حڪومت آئي ته ڪراچي ۾ آپريشن شروع ٿي ويو جنهن جي لپيٽ ۾ ايم ڪيو ايم سان گڏ لياري جا گينگز به اچي ويا. عزير بلوچ پاڪستان مان فرار ٿيو پر بعد ۾ دبئي مان گرفتار ڪري پاڪستان آندو ويو ۽ هڪ عرصي تائين هو رينجرز جي ڪسٽڊي ۾ رهيو.

ارشد پپو قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلي رهيو آهي، پوليس کي ارشد پپو ۽ سندس ڀاءُ ياسر عرفات جا لاش اڄ تائين ملي نه سگهيا آهن. جيڪا لڙائي لياري جي گلين ۾ وڙهي پئي وئي اها ختم ناهي ٿي، ارشد پپو قتل ڪيس جو مدعي اڳوڻو پوليس انسپيڪٽر جاويد بلوچ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ مارجي ويو جڏهن ته ڪجهه مهينن کانپوءِڪيس ۾ نامزد جوابدار اڳوڻو ايس ايڇ او چاڪيواڙا چانڊ خان نيازي قتل ڪيو ويو، موجوده وقت عزير گرفتار آھي ۽ اڳوڻو ايم اين اي شاهه جهان بلوچ ضمانت تي آزاد آهي.

لياري گينگ وار ۽ ارشد پپو جي ڪهاڻي ڪراچي جي تاريخ جو اهو ڪارو باب آهي جتي ڏوهه، سياست ۽ بربريت هڪ ٻئي ۾ اهڙي طرح گڏجي ويا جو سڄو شهر ڏڪي ويو.

 اها درست ڳالهه آهي ته ’ڌريندر‘ کي مصالحا مووي بڻائي بالي ووڊ پنهنجي حصي جو پروپيگنڊا ان ۾ شامل ڪيو آهي پر اها به حقيقت آهي ته هيٺين سطح تي گينگسٽر جون ڪهاڻيون موجود آهن، لياري جون اڄ به ڪيتريون ئي گليون گولي سان پروڻ آهن ۽ ڪيترائي دل زخمي آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں