پاڪستان جي سينيئر اداڪارا ريشم، اداڪارا ديدار پاران ڪيل تنقيد تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي۔
اداڪارا ديدار هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ريشم تي ناڪاري هجڻ ۽ ماڻهن جون زندگيون خراب ڪرڻ جا الزام لڳايا هئا۔
پر هاڻي اداڪارا ريشم بہ هڪ انٽرويو دوران ديدار جو نالو وٺڻ کانسواءِ کيس سخت جواب ڏنو۔
ميزبان جي سوال تي تہ ماڻهو ريشم کان ڇو سڙندا آهن؟ ۽ تازو توھان بابت چيو ويو تہ اوھان زندگيون خراب ڪندا آهيو ۽ تمام ناڪاري آهيو، ريشم جواب ڏنو تہ انهن کي منهنجي لنگر تان مسئلو آهي، جڏھن تہ اسان اهڙو ڪم نہ ڪري رھيا آهيون تہ اهي ڇو ڪري رھيا آهن۔
ريشم وڌيڪ چيو تہ جيڪي ماڻهو مون بابت ڳالهائي رھيا ھئا تہ اهو بہ شايد ان لنگر ۾ نہ ڪري پون، ان جي پنهنجي ڪا سڃاڻپ ناهي، 30 سالن ۾ به ان جي ڪا سڃاڻپ نہ ٺهي آهي۔….