سنڌ ۾ اي وي ٽيڪسي شروع ڪرڻ جو منصوبو، مفاهمتي يادداشت تي صحيون

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ کاتي صوبي ۾ جديد ماحول دوست اليڪٽرڪ گاڏين (اي وي) تي ٻڌل ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ڇڏيو آهي.

ان منصوبي جي شروعات لاءِ هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن دوران مفاهمتي يادداشت تي صحيون ڪيون ويون. 

تقريب ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمن ۽ وڏي وزير سنڌ جي معاونِ خصوصي براءِ سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سيد قاسم نويد قمر سميت ٻيا عملدار ۽ لاڳاپيل ادارن جا نمائندا به موجود هئا

اختيارين موجب، هي منصوبو صوبي ۾ صاف توانائي، جديد ٽرانسپورٽ ۽ ماحولياتي بهتري لاءِ اهم قدم ثابت ٿيندو

اي وي ٽيڪسي ڇا آهي ۽ ڪيئن ڪم ڪندي؟

اي وي ٽيڪسي اصل ۾ اهڙي ٽيڪسي هوندي آهي جيڪا پيٽرول يا ڊيزل بدران بجلي سان هلندي آهي.

ڪم ڪرڻ جو طريقو

گاڏي ۾ بيٽري لڳل هوندي آهي جيڪا توانائي اسٽور ڪري ٿي، اليڪٽرڪ موٽر گاڏي کي هلائي ٿي، بيٽري کي چارجنگ اسٽيشن تي چارج ڪيو ويندو،هڪ ڀيرو مڪمل چارج ٿيڻ بعد گاڏي ڪيترائي ڪلوميٽر هلي سگهي ٿي

 دنيا ۾ ڪٿي ڪٿي اي وي ٽيڪسيون هلن ٿيون؟

دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اي وي ٽيڪسيون چين ۾ هلن ٿيون، خاص طور شينزين شهر ۾ تقريباً سڀ ٽيڪسيون اليڪٽرڪ ٿي چڪيون آهن.

آمريڪا ۾ جهڙيون ڪمپنيون اي وي ٽيڪسي ۽ رائيڊ شيئرنگ سروسز ۾ استعمال ٿين ٿيون.

برطانيا (لنڊن):

لنڊن جون مشهور ڪاري ٽيڪسيون هاڻي آهستي آهستي اليڪٽرڪ ۾ تبديل ٿي رھيون آهن.

ناروي:

ناروي دنيا جو اڳڀرو ملڪ آهي جتي گهڻيون گاڏيون ۽ ٽيڪسيون اليڪٽرڪ آهن.

ڀارت:

ڀارت جي ڪيترن شهرن ۾ Ola ۽ Uber اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪري چڪا آهن.

سنڌ لاءِ هن منصوبي جي اهميت

ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ ڌوڙ,دونهين  ۽ ماحولياتي گدلاڻ  گهٽ ٿيندي،تيل جي درآمد تي خرچ گهٽبو، ماڻهن کي سستي ۽ جديد سواري ملندي، نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں