ڪراچي: سنڌ جي 16 ضلعن ۾ خالي ٿيل 45 مختلف سيٽن تي ننڍي مڪاني چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي۔
اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ترجمان موجب ننڍي چونڊ حيدرآباد، سکر، ٽنڊو الهيار، ڄامشورو، مٽياري، دادو، نوشهروفيروز ۽ سانگهڙ ۾ ٿيندي۔
گھوٽڪي، خيرپور، ٺٽو، بدين، سجاول، جيڪب آباد، ڪشمور ۽ شڪارپور ۾ پڻ ننڍي چونڊ ٿيندي .
ترجمان موجب شيڊول تحت 2 اپريل تي ريٽرننگ آفيسر پبلڪ نوٽيس جاري ڪندا، جڏھن تہ 6 کان 8 اپريل تائين نامزدگي فارم جمع ۽ وصول ڪيا ويندا۔
13 کان 15 اپريل تائين ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي ويندي ۽ 16 اپريل تي اميدوارن جي فهرست جاري ڪئي ويندي۔
30 اپريل تائين نامزدگي فارم واپس وٺي سگهبا، جڏھن تہ 4 مئي تي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪري چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا ۽ 17 مئي تي پولنگ ٿيندي، جيڪا صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا وقفي جاري رھندي۔…..