سيشن ڪورٽ لاهور هتڪ عزت ڪيس ۾ مشهور ڳائڻي علي ظفر جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت طرفان جاري ڪيل فيصلي موجب، ڳائڻي ميشا شفيع کي 50 لک رپيا هرجاڻو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي۔
عدالت جو فيصلو
ايڊيشنل سيشن جج آصف حيات محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو تہ ميشا شفيع علي ظفر خلاف هتڪ عزت ڪئي، هن کي مالي هرجانو ادا ڪرڻو پوندو، گڏوگڏ، کيس هراسان ڪرڻ بابت وڌيڪ ٽوئيٽ ڪرڻ کان به روڪيو ويو آهي.
ڪيس جو پس منظر
علي ظفر 2018ع ۾ ميشا شفيع خلاف 100 ڪروڙ رپين جو ھرجاڻي جو دعويٰ داخل ڪيو هو، ميشا شفيع علي ظفر تي جنسي هراسانڪرڻ جا الزام لڳايا هئا، ڪيس ڊگهي عرصي تائين هلندو رھيو.
ڪيس جي ڪارروائي
هن ڪيس ۾ 20 گواهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا, مجموعي طور 284 پيشيون ٿيون
ان دوران 9 جج بدلي ٿيا ، هي ڪيس پاڪستان جي شوبز انڊسٽري جي اهم ۽ گهڻو بحث هيٺ رهندڙ ڪيسن مان هڪ رهيو آهي، علي ظفر جي طرفان وڪيل عمر طارق گل پيش ٿيو، ميشا شفيع جي طرفان وڪيل ثاقب جيلاني عدالت ۾ دليل ڏنا
عدالت جي هن فيصلي کان پوءِ
علي ظفر کي قانوني طور رليف ملي ويو، جڏهن ته ميشا شفيع کي نه صرف هرجاڻو ادا ڪرڻو پوندو، پر مستقبل ۾ اهڙا الزام سوشل ميڊيا تي لڳائڻ کان به روڪيو ويو آهي.