ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن، چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاھ، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ترقياتي ايجنڊا ۽ ڪابينا ڪميٽي مالي معاملن جي سفارشن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔
ڪابينا ملير کان گھگھر ڦاٽڪ تائين 30.5 ڪلوميٽر ڊگهي ڊبل روڊ جي مرمت ۽ سڌاري لاءِ 2.55 ارب رپين جي منظوري ڏني۔
ٻوڏ متاثر روڊن ۽ پلن جي بحالي لاءِ 88 ڪروڙ 82 لک 44 هزار رپيا، جڏھن تہ مختلف روڊن جي واڌ ۽ مرمت لاءِ ھڪ ارب 96 ڪروڙ کان وڌيڪ فنڊز جي منظوري ڏني، تلھار کان ٽنڊو باگو روڊ ۽ نوشھروفيرورز کان مھراڻ ھاءِ وي لنڪ روڊ منصوبو بہ شامل آھن.
سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول (ڪراچي) ۾ جديد گهڻ مقصدن واري گرائونڊ لاءِ 10 ڪروڙ رپيا منظور ڪيا ويا، ٿر انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي (اين اي ڊي ڪيمپس) جي ٻي مرحلي لاءِ 6.63 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي۔
سرڪاري ادارن کي گذريل سالن جي شاگردن جي فيس واپسي لاءِ 3.4 ارب رپين جي اصولي منظوري ڏني وئي، وڏي وزير هدايت ڪئي تہ رعايت رڳو حقدار شاگردن کي ملي ۽ شفاف نظام قائم ڪيو وڃي۔
ايس ڊي جيز تحت 98 اسڪيمن جي منظوري ڏني ڳئي، جنھن لاءِ 4.33 ارب رپيا مختص ڪيا ويا، عورت فائونڊيشن لاءِ 5 ڪروڙ رپين جي گرانٽ بہ منظور ڪئي وئيئ
سکر ۽ روھڙي ۾ يونين ڪائونسل جانو جي ۽ پير اخلاص شاهہ لاءِ صاف پاڻي جا پلانٽ، اسٽريٽ لائٽس ۽ پيور بلاڪس سميت ٻيا منظور ڪيا ويا، شروعاتي طور تي 25 سيڪڙو فنڊز جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
سنڌو درياھ، پاڻي نيڪال نظام (اسڪارپ، ايل بي او ڊي) ۽ ننڍن بندن بابت ٽن وڏن جائزن جي منظوري ڏني وئي، وڏي وزير ٻوڏ امدادي فنڊن ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ ۽ نيشنل ھاءِ وي ميڊيڪل ڪمپليڪس جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔
ڪابينا اوقاف کاتي هيٺ درگاهن جي ترقياتي رٿائن جي منظوري ڏني، خيرپور جي درازا شريف ۾ حضرت سچل سرمستؒ جي نالي سان لائبريري قائم ڪرڻ لاءِ 5 ڪروڙ 15 لک رپيا منظور ڪيا ويا۔
مٽياري ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي مزار جي اندروني روڊن جي بحالي ۽ 200 ڪي وي اي ٽرانسفارمر لڳائڻ لاءِ 3 ڪروڙ 36 لک رپيا رکيا ويا۔
ٻنهي منصوبن لاءِ 25 سيڪڙو فنڊ فوري جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏھن تہ زائرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي۔…..