سکر: سڀاڻي کان سکر ۽ گڊو بئراجن مان نڪرندڙ ڪئنالن جي پاڻي فراهمي هڪ مهيني لاءِ معطل رھندي انھي حوالي سان آبپاشي کاتي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آھي.
بئراج انتظاميا موجب سالياني وارابندي ۽ صفائي جي سلسلي ۾ ڪئنالن کي پھرين اپريل کان 30 اپريل تائين بند رکيو ويندو.
سکر بئراج جي ساڄي پاسي کان نڪرندڙ کيرٿر، رائيس ۽ دادو ڪئنالن جي پاڻي فراهمي مڪمل طور معطل رھندي ، جڏهن تہ کاٻي پاسي وارن ڪئنالن نارو ڪئنال، روھڙي، خيرپور ايسٽ ۽ خيرپور ويسٽ کي معمول موجب پاڻي فراهم ڪيو ويندو.
اھڙي طرح گڊو بئراج مان نڪرندڙ گهوٽڪي، بيگاري، ڊيزرٽ پٽ فيڊر ۽ ريڻي ڪئنالن جي پاڻي فراهمي پڻ عارضي طور بند رھندي.
بئراج انتظاميا موجب وارابندي بابت آبادگارن، ميونسپل ۽ ضلعي انتظاميا سميت لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ آگاهي ڏئي ڏني وئي آھي……..