ام رباب چانڊيو جي ٽن گھرڀاتين جي ڪيس ۾ سمورا جوابدار بري ۽ ڪيس جو پس منظر!

فہرستِ مضامین

دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ 8 سالن کان جاري اُم رباب چانڊيو جي ٽن گھرڀاتين  ڏاڏي ڪرم اللھ چانڊيو، پيءُ مختيار چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ ڏوھ ثابت نہ ٿيڻ تي نامزد سمورن جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو آھي.

ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج علي حسن ڪلوڙ جي عدالت فتويٰ ٻڌائيندي جوابدار طور نامزد پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو، سندس ڀاءُ ايم پي اي برھان خان چانڊيو، عبدالستار چانڊيو، علي گوھر چانڊيو، سڪندر علي چانڊيو، ذوالفقار علي ، علي مرتضيٰ ۽ اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو کي باعزت بري ڪندي ڪيس خارج ڪري ڇڏيو آھي،ڪيس ۾ چانڊيا ڀائرن سميت چار جوابدار ضمانت تي آزاد ھئا ۽ چار جيل ۾ ھئا .

ام رباب چانڊيو جو ردعمل

عدالت پاران سمورن جوابدارن کي بري ڪرڻ واري فيصلي تي ردعمل ڏيندي ام رباب چانڊيو چيو تہ عوامي عدالت ۾ کٽي ويا آھيون ۽ ھي فيصلو رياست جي عدالت ڏنو آھي، ان فيصلي کي ھر فورم تي چئلينج ڪنداسين، ھن چيو تہ سندن حوصلا بلند آھن، سرداري نظام جي خاتمي تائين جدوجھد جاري رھندي، ان کان اڳ ام رباب چانڊيو کي عدالت روانو ٿيڻ کان اڳ ڏاڏي امام ضامن ٻڌي پاڪ ڪتاب مٿي تي رکي دعائون ڏنيون.

ام رباب چانڊيو جو وڪيل صلاح الدين پنھور

ام رباب چانڊيو جي وڪيل صلاح الدين پنھور فيصلو ھاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آھي تہ عدالت ڪيس ۾ سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آھي، فيصلو خلاف ھاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ويندي.

وڪيل صلاح الدين پنھور عدالتي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو تہ ايترا ثبوت ڏنا ھئا جو سزا ٿي سگھي پئي، پر عدالت سمورن جوابدارن کي بري ڪندي پيغام ڏنو آھي تہ ھن ملڪ ۾ ڪير طاقتور آھي ۽ ڪير مظلوم آھي، ھن چيو تہ ٻيا فورم موجود آھن، فيصلي خلاف ھاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ويندي.

سردار ڀائر بري ٿيڻ تي خوشي جو اظھار

ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پاران بري ڪرڻ واري فيصلي بعد عدالت ٻاھران وڏي تعداد ۾ سردار ڀائر جا حامي نظر آيا، جن ٻنھي ايم پي اي ڀائرن کي مبارڪون ڏنيون ۽ مٺايون ورھايون بہ ورھايو.

سيڪيورٽي سخت: ام رباب چانڊيو جي ٽن گھر ڀاتين جي فيصلي جي موقعي تي پوري ضلعي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ۽ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، 6 ڊي ايس پي، 33 ايس ايڇ او، 69 اي ايس آءِ ، 390 پوليس اھلڪار، 41 ليڊيز پوليس اھلڪار ن سميت 539 اھلڪار سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيا ويا، جڏھن تہ ام رباب جي گھر ٻاھران بہ سيڪيورٽي اھلڪار مقرر ڪيا ويا، جوڊيشل ڪمپليڪس ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس جي نفري مقرر ھئي

واقعو ڪڏھن ۽ ڪيئن ٿيو؟

ميهڙ ۾ 17 جنوري سال 2018ع تي ميهڙ جي ڊي ايس پي آفيس ۽ ٻن ٿاڻن کان 100 ميٽر جي مفاصلي تي هٿياربندن حملو ڪيو، جنھن ۾ ام رباب چانڊيو جو ڏاڏو يو سي چيئرمين پ پ پ  اڳواڻ ڪرم الله چانڊيو ، والد مختيار چانڊيو ۽ چاچو ضلعي ڪائونسل جو ميمبر قانون جو شاگرد قابل چانڊيو مارجي ويا، واقعي جي ڏينهن هٿياربند جوابدارن اوچتو حملو ڪيو ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني، ان حملي ۾ ام رباب چانڊيو جو ڏاڏو ڪرم الله چانڊيو، والد مختيار چانڊيو ۽ چاچو قابل چانڊيو مارجي ويا

فائرنگ دوران جوابي ڪارروائي پڻ ٿي، جنهن ۾ حملي آورن مان هڪ ڄڻو غلام قادر چانڊيو مارجي ويو۔ جڏھن تہ ٻين حملي آورن فرار ٿيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، هي واقعو ڏينهن ڏٺي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ويجهو پيش اچڻ سبب انتهائي ڳڻتي جوڳو بڻجي ويو، جنهن بعد سڄي علائقي ۾ خوف ۽ بيچيني پکڙجي وئي ۽ ماڻهن ۾ سخت ردعمل ڏنو ھو.

واقعي جو ڪيس ڪيس ام رباب چانڊيو جي چاچي پرويز چانڊيو جي فرياد تي پ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو، ايم پي اي برھان خان چانڊيو سميت 7 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو هيو، جڏھن تہ واقعي دوران حملي آورن مان ھڪ ڄڻو غلام قادر چانڊيو بہ موقعي تي جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويو هيو

واقعي خلاف مظاھرا

ميهڙ واقعي بعد ميهڙ ۾ سول سوسائٽي پاران احتجاج جو سلسلي شروع ٿي ويو هيو، ميهڙ سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سول سوسائٽي پاران احتجاج ڪري واقعي ۾  ملوث ماڻهن جي گرفتاري جي گهر ڪئي وئي، ميهڙ ۾  سول سوسائٽي جي مک اڳواڻن پاران لڳايل احتجاجي ڌرڻي دوران ناميارن اديبن، شاعرن، صحافين، فنڪارن ، وڪيلن جي احتجاج بعد سرڪار حرڪت ۾ آئي، جڏھن تہ ام رباب پاران ڪراچي ۾  ان وقت جي چيف جسٽس ثاقب نظار جي گاڏي اڳيان اچي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ھو، جنھن کانپوءِ چيف جسٽس ثاقب نثار نوٽيس ورتو ۽ ام رباب چانڊيو کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي ھدايت ڪئي ھئي

ڪيس جي منتقلي ۽ دير

ٽن ڄڻن جي قتل جو ڪيس نوشھرو فيروز ، دادو ، سکر , ميرپور ماٿيلو جي عدالتن ۾ منتقل ٿيندو رھيو، جڏھن تہ ڪيس بابت هاءِ ڪورٽ حيدرآباد،  سکر ، سپريم ڪورٽ ۾ به اپيلون داخل ڪرايون ويون، سپريم ڪورٽ پاران تڪڙو ڪيس هلائڻ ۽ 3 مهينن ۾  فيصلو ڏيڻ واري هدايتن باوجود فييصلو 8 سال مڪمل ٿيڻ کان پوءِ واقعي جي نائين سال ۾ ٻڌايو ويو.

ياد رھي تہ ام رباب چانڊيو جي ٽن گھر ڀاتين جي قتل ڪيس جو فيصل 8 سالن تائين ھلندو رھيو، ماڊل ڪورٽ گذريل ٻڌڻي تي شاھدن جا بيان ۽ دليل ٻڌڻ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ھو جيڪو اڄ جاري ڪندي چانڊيا ڀائرن سميت سمورن 8 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آھي………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں