ڪراچي: سنڌ ۾ زرعي شعبي کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڪڻڪ جي منڊي ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ حڪومت نئين پاليسي متعارف ڪرائي آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سڌو سنئون هارين کي فائدو پهچائڻ ۽ عام ماڻهن لاءِ اٽي جي قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ آهي۔
سينيئر وزير شرجیل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ حڪومت جي نئين ڪڻڪ خريداري پاليسي وسيع حڪومتي ويزن تحت تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هارين جي مفادن جي تحفظ کي اوليت ڏني وئي آهي۔
هن ٻڌايو تہ هڪ ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ اٽي جي اگهن کي مستحڪم رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، پهرين اپريل کان صوبي جي 109 مرڪزن تي خريداري جو عمل شروع ٿيندو، جڏھن تہ في من ڪڻڪ جي امدادي قيمت 3,500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي۔
شرجيل ميمڻ موجب پهريون ڀيرو ڪڻڪ رڳو رجسٽرڊ “هاري ڪارڊ” هولڊرن کان خريد ڪئي ويندي، جنهن سان حقيقي آبادگارن کي سڌو فائدو ملندو، هن چيو تہ لڳ ڀڳ 3 لک 30 هزار ھاري هن پاليسي مان سڌي ريت فائدو حاصل ڪري سگھندا.
هن وڌيڪ وضاحت ڪئي تہ هن سال حڪومت بارداڻو فراهم نہ ڪندي ۽ هارين کي پنهنجا ٿيلها آڻڻا پوندا، جڏھن تہ هر ٿيلهي تي 60 رپيا ادائيگي سڌو سنئون سندن بئنڪ اڪائونٽس ۾ ذريعي منتقل ڪئي ويندي۔
سينيئر وزير جو چوڻ هو تہ نئون نظام نہ رڳو خريداري جي عمل کي آسان بڻائيندو، پر ان کي وڌيڪ شفاف، اثرائتو ۽ جعلسازي کان پاڪ پڻ بڻائيندو۔
هن چيو تہ حڪومت وٽ هن وقت 2 لک ٽن ڪڻڪ جو اسٽاڪ موجود آهي، جيڪو عوامي ضرورتن موجب استعمال ڪيو ويندو۔
شرجيل ميمڻ وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ ۾ ساليانو لڳ ڀڳ 4.3 ملين ٽن ڪڻڪ پيدا ٿئي ٿي ۽ موجوده پاليسي خاص طور ننڍن آبادگارن جي مالي مدد لاءِ تيار ڪئي وئي آهي۔ “هاري ڪارڊ” اسڪيم تحت آبادگارن اڳ ئي ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ تي سبسڊي مان فائدو حاصل ڪري رھيا آهن۔
هن زور ڏنو تہ هن پاليسي جو بنيادي مقصد هارين جي سهائتا، خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي سستي اگهه تي اٽو فراهم ڪرڻ آهي۔….