وچ اوڀر جي جنگ سبب نيٽ سيڪيورٽي اسٽيبلائزر سان گڏوگڏ پاڪستان سموري دنيا لاءِ واپاري حب بڻجي چڪو آھي.
ڪاروباري رسالي موجب ڪراچي پورٽ، پورٽ قاسم ۽ گوادر پورٽ سميت پاڪستاني بندرگاھن تي سرگرمين ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آھي، 24 ڏينھن ۾ ڪراچي پورٽ تي ٽرانس شپمنٽ ۾ اضافو ٿيو جيڪو پوري سال جي برابر آھي، ڪراچي پورٽ تي 8 ھزار 313 ڪنٽينرز جيترو مال پھتو جڏھن تہ 2025 ۾ 8 ھزار 300 ڪنٽينرز آيا ھئا.
عرب اخبار موجب نار عرب ۾ شپنگ رنڊنڪن تي روٽس جي تبديلي سان پاڪستان ۾ ٽرانس شپمنٽ وڌي، ڏکڻ ايشيا پاڪستان ٽرمينل 5286 جڏھن تہ ھچيسن پورٽ 1827 ڪنٽينرز جي پھچ ۽ ڪارروائي مڪمل ڪئي.
ڪاروباري رسالي موجب ڪراچي گيٽ وي ٽرمينل بہ 1200 ڪنٽينرز جي پھچ ۽ ڪارروائي مڪمل ڪئي آهي.
عالمي ماهرن جو چوڻ آهي تہ وچ اوڀر جي جنگ سبب پاڪستان کي ٽرانس شپمينٽ جو مستقل مرڪز بڻجڻ جو هڪ سونهري موقعو مليو آهي، ويجھي متبادل جي تلاش ۾ دنيا پاڪستان کي ٽرانس شپمينٽ لاءِ بهترين جڳهہ طور ڏسي رھي آهي، جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي.
ماهرن وڌيڪ چيو آهي تہ سي پيڪ ۽ جديد انفرا اسٽرڪچر پاڪستان کي خطي ۾ هڪ مضبوط واپاري ۽ لاجسٽڪس مرڪز طور مستحڪم ڪري رھيا آهن….