سنڌ حڪومت پاران امتحانن ۾ ڪاپي جي روڪٿام لاءِ واٽر مارڪنگ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ حڪومت امتحانن ۾ ڪاپي روڪڻ لاءِ جديد “واٽر مارڪنگ سسٽم” لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن ذريعي پيپر آئوٽ ڪندڙن جي فوري نشاندهي ممڪن بڻائي ويندي۔

صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ نئين تعليمي سال جي امتحانن جي تيارين بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري يونيورسٽيز محمد عباس بلوچ سميت سمورن تعليمي بورڊز جي چيئرمينن شرڪت ڪئي۔

اجلاس دوران امتحاني مرڪزن جي سيڪيورٽي، فرنيچر، پيئڻ جي پاڻي، بجلي ۽ ڪاپي جي روڪٿام بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏھن تہ صوبائي سطح تي شڪايتن جي ازالي لاءِ خاص سيل قائم ڪرڻ جو بہ فيصلو ڪيو ويو۔

صوبائي وزير محمد اسماعيل راھو چيو تہ موجودہ حالتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ ۾ امتحان مقرر تاريخن تي ئي ٿيندا۔

هن ٻڌايو ته 7 اپريل کان نائين کان 12هين ڪلاس تائين جا 13 لک 53 هزار 258 شاگرد امتحان ڏيندا، جڏھن تہ صوبي ۾ 1600 کان وڌيڪ امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن۔

ڪراچي ۾ 11هين ۽ 12هين جا امتحان 25 اپريل کان شروع ٿيندا، نائين ۽ ڏھين جا امتحان 7 اپريل کان شروع ٿيندا۔ سکر ڊويزن ۾ نائين ۽ ڏھين جا امتحان 30 مارچ، جڏھن تہ 11هين ۽ 12هين جا امتحان 15 اپريل کان شروع ٿيندا.

محمد اسماعيل راهو هدايت ڪئي تہ امتحانن جي شفاف لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن ۽ جيڪڏھن ڪٿي بہ پيپر ليڪ ٿيو تہ لاڳاپيل بورڊ چيئرمينن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔

هن وڌيڪ چيو ته سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ سمورا امتحان “اي مارڪنگ” ذريعي ورتا ويندا، جڏھن تہ لاڙڪاڻو بورڊ نائين کان 12هين ڪلاس تائين 8 پيپر اي مارڪنگ تحت وٺندو، ڪراچي ۾ نائين ڪلاس جا سمورا ۽ ميٽرڪ جا صرف 2 پيپر اي مارڪنگ ذريعي ورتا ويندا۔

صوبائي وزير امتحاني مرڪزن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي تي زور ڏيندي چيو ته پيئڻ جي پاڻي، فرنيچر ۽ ٻين مسئلن کي فوري حل ڪيو وڃي

سمورن امتحاني مرڪزن تي موبائل فون آڻڻ تي پابندي هوندي ۽ قلم 144 بہ لاڳو ڪيو ويندو۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں