سنڌ پوليس ۾ مقرريون ۽ بدليون، چئن ضلعن جا ايس ايس پي تبديل

فہرستِ مضامین

سنڌ پوليس ۾ اهم مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، جن تحت چئن ضلعن جا ايس ايس پي تبديل ڪيا ويا آهن۔

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، امير سعود مگسي کي دادو مان بدلي ڪري خيرپور جو ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏھن تہ خيرپور ۾ مقرر ايس ايس پي سميع الله سومرو کي هٽائي بدين جو ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي۔

بدين ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽر قمر رضا جسڪاڻي کي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي۔

ساڳئي وقت ساجد امير سدوزئي کي ٺٽو جو نئون ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏھن تہ فاروق بجاراڻي کي بہ رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي

آءِ جي سنڌ جي منظوري کانپوءِ ايس ايس پي جي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں