پاسداران انقلاب ايراني ھوائي حدن ۾ ايف 18 سميت 2 آمريڪي جنگي جھازن کي ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.
روسي ميڊيا پاسداران انقلاب پاران ٻنھي ويڙھاڪ جھازن کي نشانو بڻائڻ جي ويڊيو بہ جاري ڪري ڇڏي آھي.
ان کان پھريان گذريل ڏينھن ۾ آمريڪي ويڙھاڪ جھاز ايف 35 کي بہ نشانو بڻايو ويو ھو ۽ آمريڪي ميڊيا گذريل ڏينھن ۾ ايران جنگ ۾ گھٽ ۾ گھٽ 16 جھازن کي نقصان پھچڻ جي خبر بہ نشر ڪري چڪو آھي.
ھوڏانھن ايران آبنائي باب المندب ۾ نئون محاذ کولڻ کان بہ خبردار ڪري ڇڏيو آھي.
ايراني فوجي ذريعن موجب، باب المندب هڪ انتهائي اهم سامونڊي گذرگاهه آهي، جيڪو بحيره احمر کي نار عدن سان ڳنڍي ٿو ۽ عالمي واپار لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو، ايران جو چوڻ آهي تہ هن علائقي ۾ تڪرار وڌڻ سان عالمي سامونڊي آمدرفت بہ متاثر ٿي سگهي ٿي۔…