پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن منفي رجحان ڏٺو پيو وڃي۔
شيئرز مارڪيٽ ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 22 پوائنٽن جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ انڊيڪس ھڪ لک 78 هزار 449 پوائنٽن تي اچي ويو۔
اڄ هيل تائين جي ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 78 هزار 410 پوائنٽن جي هيٺين سطح تائين پهتو، جڏهن ته ھڪ لک 79 هزار 405 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تائين به ويو۔
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 1 لک 78 هزار 471 پوائنٽن تي بند ٿيو هو۔
ھوڏانھن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر ھڪ پئسو سستو ٿي 278 رپيا 21 پئسا ٿي ويو آهي۔
واضح رهي ته گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 22 پئسن تي بند ٿيو هو۔