آمريڪا ۽ اسرائيل امڪاني امن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ايران جي ٻن اهم عهديدارن کي عارضي طور ٽارگيٽ لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي، هن قدم کي خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوشش طور ڏٺو پيو وڃي۔
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل ڄاڻايو آهي تہ ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي جا نالا 4 کان 5 ڏينهن لاءِ هن فهرست مان هٽايا ويا آهن۔
اهو فيصلو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان جنگ جي خاتمي لاءِ اعليٰ سطحي ڳالهين جو رستو هموار ڪرڻ جي تناظر ۾ ڪيو ويو آهي۔
ذريعن جو چوڻ آهي تہ ترڪيہ، پاڪستان ۽ مصر سميت مختلف ملڪ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندي آمريڪا ۽ ايران کي فوري ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آهن، تہ جيئن پهرين جنگبندي ممڪن بڻائي سگهجي ۽ پوءِ باقاعده ڳالهين جو آغاز ڪيو وڃي۔
ٻئي طرف، لاڳاپيل عملدارن موجب آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ شرطـن تي وڏا اختلاف موجود آهن، جنهن سبب هنن ڳالهين جي ڪاميابي جا امڪان في الحال محدود نظر اچي رھيا آهن۔…