اسلام آباد: پرڏيهي آفيس جي ترجمان ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي پاڪستان جي دوري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي۔
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم شھباز شريف جي دعوت تي ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان 23 جون 2026ع تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو۔
ترجمان موجب ايراني صدر سان گڏ وزيرن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ پاڪستان ايندو۔
هن ٻڌايو ته صدر مسعود پزشڪيان پنهنجي دوري دوران پاڪستان جي صدر سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته پاڪستان جي وزيراعظم سان باضابطه ڳالهيون پڻ ٿينديون۔
پڌرائي موجب ايراني صدر سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ نائب وزيراعظم سان به ملاقاتون ڪندو۔
ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جو صدر جي حيثيت سان هي پاڪستان ٻيو دورو هوندو، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي سڀني پهلوئن جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو۔
واپار، توانائي، سرحدي سلامتي، عوامي رابطن ۽ علائقائي ڳانڍاپي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ نوان موقعا ڳوليا ويندا۔
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ ايران جي قيادت گڏيل سهڪار جي نون موقعن تي غور ڪندي، جڏهن ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت کان پوءِ جاري سفارتي رابطن بابت به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي۔
ترجمان موجب پاڪستان ۽ ايران علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي به صلاح مشورا ڪندا، ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ پنهنجي عزم جي ٻيهر تصديق ڪندا۔
هن وڌيڪ چيو ته ايراني صدر جو هي دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو عڪاس آهي، جڏهن ته سرحدي سلامتي سميت ٻين اهم معاملن تي پڻ غور ڪيو ويندو۔