تيل اگھن ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر وڏي پئماني تي واڌ جو امڪان

فہرستِ مضامین

عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ سبب پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون رڪارڊ سطح تي پهچڻ جو امڪان آهي۔

ايران جي جنگ ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب عالمي سطح تي تيل جون قيمتون وڌي رھيون آهن، جنهن جو اثر ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن تي به پوندو۔

هن حوالي سان ذريعن ٻڌايو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هن ڀيري ٻيهر وڏي ۽ تاريخي واڌ جو امڪان آهي، جنهن بعد اهي قيمتون پاڪستان جي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي سگهن ٿيون۔

ذريعن موجب پيٽرول 55 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 75 رپيا في ليٽر تائين مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي۔ هن سلسلي ۾ اوگرا ٻه ڏينهن بعد پنهنجي ورڪنگ پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪليندي۔

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي حتمي منظوري وزيراعظم شهباز شريف ڏيندا۔ حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيري بدران ٻن هفتن ۾ مرحليوار واڌ ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته سبسڊي ڏئي قيمتون موجوده سطح تي برقرار به رکي سگهجن ٿيون۔

واضح رھي ته ايران جي جنگ کان پوءِ حڪومت 7 مارچ تي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 55 رپيا في ليٽر واڌ جو اعلان ڪيو هو، جنهن بعد پيٽرول جي في ليٽر قيمت 321.17 رپيا جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت 335 رپيا 86 پئسا ٿي وئي هئي۔

اوگرا گذريل هفتي به پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگا ڪرڻ جي سمري موڪلي هئي، پر حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رکيون، جڏهن ته مٽيءَ جو تيل 70 رپيا 73 پئسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو ۽ هاءِ آڪٽين تي 200 رپيا في ليٽر ليوي وڌائي وئي۔

وفاقي وزير مصدق ملڪ جو چوڻ آهي ته گذريل هفتي حڪومت پيٽروليم شين جون قيمتون نه وڌايون ۽ حڪومت پيٽرول تي 127 ۽ ڊيزل تي 200 رپيا کان وڌيڪ في ليٽر سبسڊي ڏئي رھي آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں