قاضي احمد لڳ ٻن ڪارن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت، 11 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آھن.
قلندر جي درگاھ تي ويندڙ ٻن ڪارن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن بعد ٻئي ڪارون روڊ تي بيٺل چئن ڄڻن مٿان چڙھي ويون.
حادثي ۾ سڪرنڊ واسي سجاد جوڻيجو ۽ لياقت جوڻيجو تڏي تي فوت ٿي ويا، جڏھن ته ڪار سوارن سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن.
پوليس موجب زخمين ۾ ظھير جوڻيجو، فرمان جوڻيجو، رضوان چانڊيو، رحمان جوڻيجو، عمران مري، ادريس مري، مراد مري، پٺاڻ مري شامل آھن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.