لائیو مورو واقعي جي متاثرن جي عيد جيل ۾، وارثن جو احتجاج، سرڪار کي پاراتا

فہرستِ مضامین

مورو واقعي ۾ قيد قيدين جي وارثن عيد ڏھاڙي پنھنجي پيارن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاھرين جو چوڻ ھو ته 20 مئي تي لنجار ھائوس کي باھ لڳڻ  واري واقعي بعد مورو شھر اندر قيامت برپا ڪئي وئي، بي گناھ ماڻھن جا گھر ڊاھي پٽ ڪيا ويا آھن، جڏھن ته چاليھ کان وڌيڪ ماڻھو نوشھرو فيروز جيل اندر قيد آھن.

مظاھرين دانھيو تہ تڪ جي ايم پي اي سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار کي واقعي جي جوڊيشل انڪوائري لاءِ منٿون ڪيون، پاڪ ڪتاب تي کيس ساک ڏني پوءِ بہ ظلم جا پھاڙ ڪيرايا پيا وڃن.

مظاھرين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي نوجوانن کي بازياب ڪيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں