لائیو عيد الفطر:  صدر نوابشاھ، بلاول ڳڙھي خدا بخش ۾ نماز پڙھي، مولانا فضل الرحمان عيد نماز پڙھائي

فہرستِ مضامین

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ عيد الفطر مذھبي جوش ۽ جذبي سان ملھائي پئي وڃي، ڊبليو ٽي اين سٿ پاران پنھنجي ڏسندڙن کي عيد جون واڌايون ھجن۔  ڪراچي، اسلام آباد، ملتان، ڪوئيٽا، پشاور ۽ ٻين شھرن ۾ عيد جا وڏا اجتماع ٿيا.

صدر آصف علي زرداري زرداري ھائوس نوابشاھ ۾عيد نماز ادا ڪئي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙھي خدا بخش ۾،  عيد نماز پڙھڻ کانپوءِ شھيدن جي مزار تي حاضري ڀري ۽ دعا گھري.

گورنر سنڌ گورنر ھائوس ۾ عيد نماز پڙھي، جڏھن تہ مولانا فضل الرحمان ڊي آءِ خان جي علائقي عيد خيل ۾ عيدالفطر جي نماز پڙھائي.

وڏي وزير مراد علي شاھ، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پنھنجن اباڻن علائقن ۾ عيد نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گھريون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں