لائیو مديجي ۾ گولي لڳڻ سبب نينگر اجل جو شڪار، ايمبولينس نہ ملڻ سبب لاش کٽ تي گھر نيو ويو

فہرستِ مضامین

مديجي ۾ گولي لڳڻ سبب نينگر اجل جو شڪار ٿي ويو، اسپتال مان ايمبولينس نہ ملڻ سبب نينگر جو لاش کٽ تي گھر نيو ويو

اڌ مڪاني واري علائقي ۾ نينگر بلاول جتوئي گھر ٻاھران بيٺل ھو تہ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو، کيس تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ھُن دم ڏنو.

نينگر جي وارثن موجب خبر ناھي تہ گولي ڪٿان آئي ۽ ڪنھن ھلائي، اسپتال ۾ ڊاڪٽر نہ ھجڻ سبب نينگر تڙپي تڙپي دم ڏنو.

نينگر جي وارثن الزام ھنيو تہ اسپتال انتظاميا لاش نيئڻ لاءِ ايمبولينس نہ ڏني، جنھن سبب لاش کٽ تي کڻائي ڳوٺ منتقل ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں