ڊبليو ٽي اين سنڌي ڊاٽ ڪام/ڪراچي: حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳارا چيو آھي تہ جيڪو اڪيلو ھوندو آھي، خدا اُن سان گڏ ھوندو آھي، آمريڪي حملن ۾ ايران جون عورتون ۽ معصوم ٻار شھيد ٿيا.
حُرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري پير ڳوٺ ۾ عيد نماز بعد مريدن کي خطاب ڪندي چيو آھي تہ خوشي آھي تہ جماعت جون نياڻيون پڙھي لکي اڳتي اچي چڪيون آھن.
پير پاڳاري مريدن کي ھدايت ڪئي آھي تہ پنھنجن نياڻين کي تعليم ڏياريو، جيڪڏھن نياڻي پڙھي نہ سگھي تہ اُن کي ھنر سيکاريو.
حُرن جي روحاني پيشوا پنھنجي خطاب ۾ ايران آمريڪا جنگ جو ذڪر ڪيو، ھن چيو تہ جيڪو اڪيلو ھوندو آھي، خدا اُن سان گڏ ھوندو آھي، آمريڪي حملن ۾ ايران جون عورتون ۽ معصوم ٻار شھيد ٿيا.