لائیو عهدي يا پگهار جي بنياد تي برابري جي دعويٰ نٿي ڪري سگهجي: پبلڪ پراسيڪيوٽر جي ٽائيم اسڪيل پروموشن بابت درخواست تي فيصلو جاري

فہرستِ مضامین

ڊبليو ٽي اين سنڌي ڊاٽ ڪام/ رپورٽ:  اسحاق سرڪي:. سنڌ هاءِ ڪورٽ آئيني بينچ  ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر جي ٽائيم اسڪيل پروموشن بابت درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي درخواست اڪلائي ڇڏي

جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ  ۽ جسٽس ذوالفار سانگي جي سربراهي ۾ بينچ قرار ڏنو ته صرف عهدي يا پگهار جي بنياد تي برابري جي دعويٰ نٿي ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ⁠تہ ٻنهي خدمتن جا قانوني ۽ اداراتي ڍانچا مختلف آهن۔

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته ڊسٽرڪٽ اٽارنيز کي ڏنل ٽائيم اسڪيل پروموشن سندن سروس ڍانچي ۾ محدود ترقي جا موقعا هجڻ سبب ڏنا وڃن ، جڏهن ته پراسيڪيوشن سروس ۾ باقاعده ترقي جا چينل موجود آهن۔

عدالت فيصلي ۾ واضح ڪيو ته جيڪڏهن پراسيڪيوشن آفيسرن کي اهڙي پروموشن ڏيڻي آهي ته ان لاءِ لاڳاپيل قانونن ۽ سروس رولز ۾ موجود آهي

عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ ء ڄاڻايل اختيارين کي هدايت ڪئي ته پراسيڪيوشن سروس جي سروس اسٽرڪچر ۽ پروموشنل معاملن کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ۽ درخواستگذار جي ڪيس کي به ميرٽ تي ڏٺو وڃي، جنهن ۾ پروموشن ، پينشن سميت سمورا لاڳاپيل فائدا شامل هجن۔

عدالت ۾ درخواستگذار جاويد اختر کچي موقف اختيار ڪيو ته هن 17 سالن کان وڌيڪ سروس انجام ڏني آهي ۽ کيس BPS-20 ۾ ٽائيم اسڪيل پروموشن سان گڏ سمورا فائدا ڏنا وڃن، جيئن اڳ ۾ ٻين آفيسرن کي ڏنا ويا

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں