سنڌ ڪابينا جي سرڪاري خرچ گھٽائڻ واري ڪميٽي جي فيصلي تحت صوبائي حڪومت جي مختلف سرڪاري کاتن جون 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون گرائونڊ ڪيون ويون آهن.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ موجب مجموعي طور تي 47 کان وڌيڪ کاتن ۾ موجود 2837 گاڏين مان 1524 گاڏيون گرائونڊ ڪيون ويون آهن، گرائونڊ ڪيل گاڏين ۾ صحت، خزانو، اسڪول ايجوڪيشن، انرجي ۽ اينٽي ڪرپشن جهڙا کاتا پڻ شامل آهن.
صوبائي وزير موجب ڪجهه کاتن ۾ اها شرح 65 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي، انٽر پروونشل ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ ۾ سڀئي گاڏيون گرائونڊ ڪيون ويون آهن، هي فيصلو وڌندڙ تيل خرچن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي ته جيئن حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي.
شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو تہ صوبائي حڪومت قومي مفاد ۾ ڪفايت شعاري پاليسي تي سختي سان عملدرآمد ڪري رهي آهي، ھن قدم سان نہ رڳو خرچ گهٽ ٿيندا پر سرڪاري وسيلن جو بهتر استعمال پڻ ممڪن ٿيندو. شرجيل انعام ميمڻ موجب حڪومتي قدم سان تيل جي مد ۾ ڪروڙين رپين جي بچت ٿيندي، سڀني کاتن کي پاليسي تي مڪمل عملدرآمد جي هدايت ڪئي وئي آهي، ضرورت موجب اهم ۽ هنگامي نوعيت جون گاڏيون بدستور استعمال ۾ رهنديون.