لائیو ماروي ميمڻ جو فورم قيام جي ٻن ڏينھن بعد تڪراري بڻجي ويو، 3 ميمبر لاتعلق، باقي سائيڊ ٿيڻ لاءِ مشاورت ڪرڻ لڳا

فہرستِ مضامین

ھسسٽورين ودآئوٽ بارڊرز سنڌ پاڪستان چيپٽر پنهنجي قيام جي ٻن ڏينهن اندر ئي تڪراري بڻجي ويو آهي،  ٽن باني ميمبرن لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، جڏھن ڪجھ سائيڊ لائين ٿيڻ لاءِ مشاورت ڪري رھيا آھن.

سياسي منظرنامي مان غائب اڳوڻو مسلم ليگي اڳواڻ ۽ جنرل پرويز مشرف جي ترجمان ماروي ميمن گذريل ڏينهن سامهون آئي ۽ سنڌ جي ڪجهه رٽائرڊ سرڪاري ملازمن، اڪيڊميا، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽن سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ هسٽورين وِد آئوٽ بارڊرز سنڌ پاڪستان چيپٽر جي قيام جو اعلان ڪيو۔

ماروي ميمڻ دعويٰ ڪئي ته اڄ ڪلهه بيانيي جي جنگ آهي، سنڌ جو بيانيه صحيح ڪرڻ لاءِ سندن ٽيم ۾ دانشور، اديب ۽ مورخ شامل آهن۔

هن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ صحافي ۽ محقق قاضي آصف جو نالو ورتو پر قاضي آصف فيس بڪ تي پنهنجي پوسٽ ۾ انهن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو۔

قاضی آصف لکيو منهنجي وضاحت ڪئي تہ مارئي ميمڻ خاطري ڪرائي تہ ھاڻ سندس ڪنھن جماعت سان واسطو ناھي، ھوءَ سنڌ لاءِ ڪم ڪرڻ چاھي ٿي پر ٻئي ڏينھن ھُن ھڪ انٽرويو ۾ جنرل پرويز مشرف کي نه رڳو پنهنجو ڪيو، پر ان جي هر قدم ۽ عمل کي درست قرار ڏنو

ماروي جو چوڻ هو ته اڪبر بگٽي خلاف ٿيل ڪارروائي درست هئي ۽ اهو به چيو ته نواز شريف پرويز مشرف جي جهاز کي بم سان اڏائڻ پئي چاهيو.

مارئي جي انٽرويو ڪيترين ڳالهين کي وائکو ڪري ڇڏيو.  جيڪڏهن فقط سنڌ جي تاريخ ۽ بيانيي تي ڪم ڪرڻو هو ته ڳالهيون آمرن جي حمايت ۾ ڇو ڪيون ويون؟

سورٺ سنڌو لکيو تہ سنڌ، ماءُ آ جيڪا پنهنجي هر ٻچي کي معاف ڪندي آهي پر شرط ته غلطي ڪندڙ پنهنجي هر لفظ ۽ عمل ۾ سنڌ جو هجي، ھاڻ ھو سندس فورم جي ميمبر نٿي رھي سگھي.

نصير ميمڻ چوي ٿو فورم جو مقصد رڳو سنڌ بابت پکيڙيل ان ناڪاري بيانئي اڳيان بند ٻڌڻ هو جيڪو سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي حوالي سان لڳاتار ۽ اڳي کان وڌيڪ منظم نموني اڳيان وڌايو پيو وڃي. باقي هن فورم جي ان کان سواءِ عملي سياست جي حوالي سان ڪا بِ ايجنڊا ناهي. انعام شيخ، جامي چانڊيو، عامر ميمڻ، عامر صديقي، ناز سهتو، محسن ٻٻر، سورٺ سنڌو, آصف قاضي، سائين شمس جعفراڻي ۽ ٻين دوستن سان صلاح مشورو ڪري اڳتي جو لائحه عمل جوڙيو ويندو.

امرت منظور لکي ٿي ته آئون هن ڳالھ کي پوري شعوري وضاحت سان سمجهان ٿي ته سنڌ کي سڀ کان وڏو نقصان اُن “غير سياسي” نيريٽو ڏنو آهي، جيڪو اصل ۾ حقيقتن کان فرار جو ٻيو نالو آهي، سندس لاءِ اهو ممڪن ناهي ته ڪنهن اهڙي پليٽفارم جو حصو بڻجي، جتي کيس پنهنجي سڃاڻپ کي “غير سياسي” طور پيش ڪرڻو پوي يا پنهنجي فڪري وابستگيءَ کان لاتعلق ٿيڻ جو تاثر ڏيڻو پوَي.

امير بخش ڀنڀرو لکي ٿو تہ ڪنهن کي سنڌ دشمني جو سرٽيفڪٽ ڏيڻ کان اڳ اهو ڏسجي ته هن سٿ جو آئنده جو قدم ڪهڙو ء ڪيڏانهن ٿو کڄي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں