علي لاريجاني جي شھادت کانپوءِ ايران اسرائيل خلاف ميزائلن جي برسات ڪري ڇڏي آھي، جنھن جي نتيجي ۾ گاڏيون تباھ ٿي ويون آھن ۽ عمارتن کي نقصان پھتو آھي.
ايراني پاسداران انقلاب ھڪ بيان ۾ واضح ڪيو آھي تہ آپريشن وعدہ صادق 4 تحت اسرائيل خلاف حملن جي 61 ھين لھر شروع ڪري ڇڏي آھي.
بيان موجب اسرائيل جي گادي واري شھر تل ابيب تي خرمشھر4، قدر، عماد ۽ خيبرشڪن ميزائل فائر ڪيا ويا ۽ 100 کان وڌيڪ فوجي ۽ سيڪيورٽي ھدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو
ٻئي پاسي ايراني سرڪاري ٽي وي موجب سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني جي قتل جي جواب ۾ ايران تل ابيب کي ڪوڪلسٽر وار ھيڊز وارن ميزائلن سان نشانو بڻايو.
خابرو اداري رپورٽ ڪيو آھي تہ تل ابيب تي ايراني حملن ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون تباھ ٿي ويون آھن، جڏھن تہ ڪيترن ئي ھنڌن تي باھ لڳي ، عمارتن کي شديد نقصان پھتو آھي……