ايران جو طاقتور سياسي ۽ سيڪيورٽي شخصيت علي لاريجاني اسرائيلي ۾ ٿيل ھوائي حملي ۾ شھيد ٿي ويو آھي، جڏھن تہ ايران جي اندروني سيڪيورٽي جو اھم ڪمانڊر ۽ بيسج فورسز جو سربراھ غلام رضا سليمان بہ اسرائيلي حملي ۾ شھيد ٿي ويو آھي.
ايراني ميڊيا سندس شھادت جي تصديق ڪري ڇڏي آھي، جڏھن تہ ايراني قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني جي ٽوئٽر اڪائونٽ تان بہ ھڪ پوسٽ ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ ان ج شھادت جي تصديق ڪندي چيو ويو آھي “خدا جو ماڻھو خدا سان وڃي مليو”
پرڏيھي ميڊيا موجب تھران ۾ ھڪ ڳجھي ٺڪاڻي تي اسرائيلي ھوائي جنگي جھازن علي لاريجاني کي نشانو بڻايو.
ياد رھي تي اسرائيلي عملدارن کيس ايران جو ڊي فيڪٽو ليڊر قرار ڏيندي چيو تہ ھو آيت اللہ علي خامنہ جي مارجڻ بعد عملي طور تي قيادت سڀنالي چڪو ھو، اسرائيل ان جي شھادت کي ايراني حڪومت جي خاتمي لاءِ پنھنجي منصوبي جو اھم حصو قرار ڏنو ھو.
ان کانسواءِ اسرائيل جي ھڪ ٻئي حملي ۾ ايران جي بيسيج فورسز جو سربراھ غلام رضا سليمان کي بہ شھيد ٿي ويو آھي، جنھن جو اندروني سيڪيورٽي جو اھم ترين ڪمانڊر ۾ شمار ٿيندو ھو…..