ايران جي پاسدارن انقلاب جي ترجمان ابراھيم ذوالفقاري جو چوڻ آھي تہ جنگ جو فيصلو سوشل ميڊيا نہ پر ميدان ۾ ٿيندو آھي.
ھڪ بيان ۾ ابراھيم ذوالفقاري چيو تہ آمريڪي جو نالو ايپڪ فيوري بدران ايپڪ فيئر ھجڻ گھرجي.
ٻئي پاسي بيان ۾ ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آھي تہ علاقائي سلامتي کي پايئدار ھجڻ گھرجي، ان کي ٻاھر کان لاڳو نہ ڪرڻ گھرجي.
ھن چيو تہ علاقائي مملڪن کي ٻڌايو ھو تہ خطي ۾ آمريڪي موجودگي سيڪيورٽي جي ضمانت ناھي، پائيدار علاقائي سلامتي ضروري آھي، ان کي ٻاھر کان نٿو مڙھي سگھجي.
ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر جو چوڻ آھي تہ خطي جا اسلامي ملڪ گڏجي معاشي ۽ سيڪيورٽي سطح تي نئون علاقائي نظام قائم ڪندا، آمريڪي فوج کي خط مان نڪرڻ گھرجي.
محمد باقر قاليباف چيو تہ دشمن مٿان پنھنجو منصوبو مڙھڻ ۾ ناڪام رھيو، اسان جيڪو منصوبو ٺاھيو ھو ان تي عمل ڪيو….