لائیو ڪراچي 17 فيبروي تي مارجي ويل دھشتگرد جي سڃاڻپ بي ايل اي ڪمانڊر طور ٿي

فہرستِ مضامین

ڪراچي ۾ 17 فيبروري تي شاھ لطيف ٽائون ۾ سي ٽي ڊي سان مقابلي ۾ مارجي ويل دھشتگرد جي سڃاڻپ بي ايل اي ڪمانڊر طور ٿي.

ترجمان موجب گذريل مھيني مقابلي ۾ 4 دھشتگرد مارجي ويا ھئا، 2 پوليس اھلڪار بہ زخمي ٿيا ھئا

سي ٽي ڊي موجب مارجي ويل دھشتگردن ۾ جليل، نياز ۽ حمدان شامل ھئا، چوٿين دھشتگرد جي سڃاڻپ بي ايل اي جي ڪمانڊار سھيل بلوچ طور ٿي آھي.

ترجمان موجب سھيل بلوچ 50 کان وڌيڪ سيڪيورٽي اھلڪارن ۽ شھرين جي قتل ۾ ملوث ھو، دھشتگرد ڊي سي پنجگور ذاڪر بلوچ جي شھادت جو ماسٽر مائنڊ ھو.

سي ٽي ڊي عملدارن جو چوڻ آھي تہ جعفر ايڪسپريس حملي لاءِ 5 آپگھاتي بمبار بہ سھيل بلوچ موڪليا ھئا، جڏھن تہ مارجي ويل دھشتگرد جي  ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں