اسلام آباد: پيٽروليم واري سيڪريٽري چيو آھي تہ 14 اپريل کانپوءِ ملڪ ۾ ايل اين جي دستياب نہ ھوندي، جنھن سبب اپريل ۾ پاور سيڪٽر جي گئس ضرورت پوري نہ ڪري سگھنداسين.
سينيٽ جي پيٽروليم بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر منظور احمد جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنھن ۾ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۽ دستيابي جو جائزو ورتو.
اجلاس ۾ پيٽروليم واري سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب پيٽروليم شين جي سپلاءِ متاثر ٿي آھي، پاڪستان تقريبن 70 سيڪڙو پيٽرليم شيون وچ اوڀر مان امپورٽ ڪندو آھي، عام حالتن ۾ عرب ملڪ کان تيل 4 کان 5 ڏينھن ۾ پاڪستان پھچي ويندو آھي پر ھن وقت جھازن جي آمدرفت متاثر آھي.
پيٽروليم واري سيڪريٽري موجب ھاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 88 ڊالرز في بيرل کان وڌيڪ 187 ڊالرز ۽ پيٽرول جي قيمت 74 ڊالر في بيرل کان وڌي 130 ڊالر في بيرل تائين پھچي وئي آھي.
اجلاس دوران سينيٽر منظور احمد چيو تہ قيمتن ۾ اضافي جو فائدو آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي پھچايو ويو ،پيٽروليم واري سيڪريٽري جو چوڻ ھو تہ قيمتن ۾ ذخيرو روڪڻ لاءِ ڪيو ويو ۽ ھن قدم سان ڪمپنين کي فائدو ناھي ٿيو، قيمتون وڌائڻ سان درآمد جاري رکڻ ۽ سموري ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي دستيابي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي.
اجلاس دوران سينيٽر ھدايت اللھ خان سوال ڪيو تہ ٻڌايو وڃي 7 مارچ کان اڳ پيٽروليم شين جون قيمتون ڪهڙيون هيون ۽ انهن ۾ ڪيترو اضافو ٿيو۔ ان تي اوگرا جي عملدارن ٻڌايو تہ ڊيزل جي قيمت ۾ تقريبن 100 سيڪڙو ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 70 سيڪڙو اضافو ٿيو آھي.
سيڪريٽري پيٽروليم وڌيڪ ٻڌايو تہ هن وقت ملڪ ۾ ڪچو تيل جا 11 ڏينهن، ڊيزل جا 21 ڏينهن، پيٽرول جا 27 ڏينهن، ايل پي جي جا 9 ڏينهن ۽ جَي پي ون جا 14 ڏينهن جا ذخيرا موجود آهن۔
پيٽروليم واري سيڪريٽري جو چوڻ هو تہ موٽر سائيڪل ۽ رڪشا استعمال ڪندڙن لاءِ حڪومت رليف پيڪيج تي بہ ڪم ڪري رھي آهي۔
عملدارن اجلاس ۾ ٻڌايو تہ 14 اپريل کانپوءِ ملڪ ۾ ايل اين جي دستياب نہ هوندي، جنهن سبب اپريل مهيني ۾ پاور سيڪٽر جي گيس ضرورت پوري نہ ٿي سگهندي ۽ پاور سيڪٽر جون ضرورتون ٻين ذريعن سان پوريون ڪيون وينديون۔ ….