اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ زميني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي۔
سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيلي فوج چيو آهي تہ ان جي 91هين بريگيڊ ڏکڻ لبنان ۾ زميني آپريشن شروع ڪيو آهي، جنهن جو مقصد سرحد جي ويجهو “فارورڊ ڊفينس زون” کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ آهي۔
اسرائيلي فوج موجب تازن ڏينهن ۾ شروع ڪيل هن آپريشن جو مقصد حزب الله جي انفراسٽرڪچر کي تباهہ ڪرڻ، خطرن کي ختم ڪرڻ ۽ اسرائيل جي سرحدي علائقن ۾ رھندڙ شهرين لاءِ وڌيڪ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ آهي۔
ٻئي پاسي لبنان جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي تہ 28 فيبروري کان هينئر تائين اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 850 ماڻهو شھيد ٿيا آهن ۽ 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن۔….