لائیو جنگبندي لاءِ ڪڏھن بہ ناھي چيو، جيستائين ضرورت پئي تہ پنهنجي دفاع لاءِ  تيار آهيون: ايراني پرڏيهي وزير

فہرستِ مضامین

ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي تہ ايران  ڪڏھن بہ آمريڪا کان جنگبندي لاءِ ناھي چيو ۽ جيستائين ضرورت پوندي ايران پنهنجي دفاع لاءِ تيار رھندو۔

آمريڪي ميڊيا  کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو تہ ايران هن وقت تائين نہ تہ ڪنهن بہ قسم جي ڳالهين جي خواهش ظاهر ڪئي آهي ۽ نہ ئي اهڙي ڪا ڳالهہ ڪئي آهي۔

عباس عراقچي چيو تہ ايران ڪنهن بہ سیزفائر يا ڳالهين لاءِ تيار ناهي ۽ پنهنجي دفاع لاءِ جيتري دير بہ ضروري ھوندي تيار رھندو۽ اسان ان تي قائم رھنداسين جيستائين صدر ٽرمپ اھو نٿو سمجهي تہ هي هڪ غيرقانوني جنگ آهي۔

ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ ھو تہ ايران مضبوط ۽ مستحڪم آھي، اسان صرف پنهنجي ماڻهن جو دفاع ڪري رھيا آهيون۔ آمريڪا سان ڳالهين ڪرڻ جو ڪو بہ سبب نظر نٿو اچي، آمريڪا ڳالھين دوران حملو ڪيو تنھنڪري آمريڪا سان ڳالھين جو ڪو سٺو تجربو ناھي رھيو.

عباس عراقچي وڌيڪ چيو تہ آبنائي هرمز مان گذرڻ بابت ڪيترن ئي ملڪن اسان سان رابطو ڪيو آهي۔

ياد رھي تہ آمريڪي صدر ٽرمپ گذريل ڏينهن دعويٰ ڪئي هئي تہ ايران معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، ايران مڪمل طور تي شڪست کائي چڪو آهي، ايران معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو پر ان جون شرطون مناسب ناهن۔………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں