ايران تي ٿيندڙ اسرائيلي حملن دوران هڪ ٻيو اعليٰ فوجي ڪمانڊر شهيد ٿي ويو آهي۔ ايراني فوج تصديق ڪندي چيو آهي تہ اسرائيلي حملي ۾ بريگيڊيئر جنرل عبدالله جلالي شهيد ٿي ويو آهي۔
ايراني فوجي اختيارين موجب يھودي رياست جي حملي بعد وطن جي دفاع دوران بريگيڊيئر جنرل عبدالله جلالي شهادت ماڻي۔
اختيارين جو چوڻ آهي تہ هو دشمن جي حملي وقت دفاعي ڪاررواين جي قيادت ڪري رھيو هو۔
ايران جو چوڻ آهي تہ جنگ جي شروعات کان هينئر تائين ڪيترائي اعليٰ فوجي ڪمانڊر ۽ سيڪيورٽي آفيسر شهيد ٿي چڪا آهن، جن جي شهادت جي باضابطا تصديق پڻ ڪئي وئي آهي۔
اختيارين موجب اسرائيلي حملن باوجود ايران جي دفاعي صلاحيت ۽ جوابي ڪارروايون جاري آهن۔
ٻئي طرف ايران واضح ڪيو آهي تہ فوجي ڪمانڊرن جي شهادت باوجود دشمن خلاف مزاحمت جاري رکي ويندي ۽ ملڪ جي دفاع ۾ ڪا بہ گهٽتائي اچڻ نه ڏني ويندي۔
ايراني اختيارين جو چوڻ آهي تہ آمريڪي فوجي اڏن خلاف حملن جي هڪ ٻي لهر شروع ڪئي وئي آهي، پاسدارانِ انقلاب موجب هي آپريشن گڏيل عرب امارات ۾ آمريڪي فوجي اڏن خلاف ڪيو ويو آهي۔
جڏھن تہ بحرين، ڪويت ۽ اردن ۾ آمريڪي بيسز کي بہ نشانو بڻايو ويو آهي ۽ علائقي ۾ موجود ريڊار سسٽمز تي بہ حملا ڪيا ويا آهن۔….