لائیو ايراني حملن ۾ تيزي، اسرائيل وٽ ميزائل روڪڻ وارا انٽر سپيٽرز گھٽجڻ لڳا

فہرستِ مضامین

ايران جي ميزائل ۽ ڊرون حملن ۾ واڌ بعد اسرائيل وٽ ميزائل روڪڻ وارا  انٽرسيپٽر تيزي سان گهٽجڻ لڳا آهن۔

آمريڪي ميڊيا موجب اسرائيل آمريڪا کي آگاهہ ڪيو آهي تہ هن وٽ بيلسٽڪ ميزائل انٽرسيپٽر تمام گهٽ بچيا آهن، جڏھن تہ آمريڪا کي اسرائيل جي گهٽ ٿيندڙ انٽرسيپٽر صلاحيت بابت ڪيترن مهينن کان ڄاڻ آهي۔

ياد رھي تہ اسرائيلي جارحيت جي جواب ۾ ايران طرفان تل ابيب سميت مختلف علائقن کي نشانو بڻايو پيو وڃي۔

هوڏانهن عرب ميڊيا  آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ گذريل 15 ڏينهن کان جاري جنگ ۾ ٿيل جاني نقصان جا انگ اکر جاري ڪيا آهن۔

عرب ميڊيا موجب 15 ڏينهن دوران آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جي نتيجي ۾ ايران ۾ 1444 ماڻهو شهيد ٿيا، جڏھن تہ اسرائيلي حملن سبب لبنان ۾ 773 ماڻهو شهيد ٿيا۔

عرب ميڊيا موجب اسرائيل ۾ 14 ماڻهو مارجي ويا، جڏھن تہ 15 ڏينهن دوران ايراني حملن ۾ 11 آمريڪي فوجي پڻ مارجي ويا آھن.

ان کانسواءِ يو اي اي ۾ 6، سعودي عرب ۾ 2، عراق ۾ 26، ڪويت ۾ 6، عمان ۾ 3 ۽ بحرين ۾ 2 ماڻهو مارجي چڪا آھن…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں