آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي تہ اڄ ايران تي وچ اوڀر جي تاريخ جا سڀ کان طاقتور حملا ڪيا ويا، جنھن جي نتيجي ۾ سڀئي هدف مڪمل طور تباهہ ڪيا ويا آهن۔
آمريڪي صدر سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو تہ سندس هدايت تي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ايران جي فوجي هدفن ۽ خارگ ٻيٽ تي وچ اوڀر جي تاريخ جا طاقتور ترين حملا ڪيا۔
صدر ٽرمپ چيو تہ ڪجهہ سببن جي ڪري هن ٻيٽ جي تيل جي بنيادي ڍانچي کي تباهہ ڪرڻ جو حڪم نہ ڏنو، پر هن خبردار ڪيو تہ جيڪڏھن ايران يا ڪو ٻيو ملڪ آبنائي هرمز ۾ مداخلت ڪندو تہ هو فوري طور پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري سگهي ٿو۔
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو تہ پنهنجي پهرين صدارتي دور ۽ موجودہ دور ۾ هن آمريڪي فوج کي دنيا جي سڀ کان طاقتور ۽ اثرائتي قوت بڻايو آهي ۽ ايران وٽ اهڙي ڪا بہ صلاحيت ناهي جو هو آمريڪي حملن جو دفاع ڪري سگهي۔
هن زور ڏيندي چيو تہ ايران ڪڏھن بہ نيوڪليئر هٿيار حاصل نہ ڪري سگهندو ۽ نہ ئي ايران آمريڪا، وچ اوڀر يا دنيا لاءِ ڪو خطرو بڻجي سگهندو۔
آمريڪي صدر چيو تہ ايران جا وچ اوڀر تي قبضو ڪرڻ ۽ اسرائيل کي مڪمل طور تباهہ ڪرڻ جا منصوبا هاڻي مڪمل طور ختم ٿي چڪا آهن۔
صدر ٽرمپ ايران جي فوج ۽ حڪومت سان لاڳاپيل ٻين ماڻهن کي خبردار ڪيو تہ هو پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪن ۽ ملڪ کي بچائين۔
خارگ نالي ٻيٽ ايران جي سامونڊي ڪناري کان لڳ ڀڳ 25 ڪلوميٽر پري واقع آهي، جتان ايران جو لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو تيل عالمي مارڪيٽ ڏانهن موڪليو ويندو آهي۔………