لائیو ٽرمپ ايران جو افزودہ يورينيم روس منتقل ڪرڻ جي آڇ رد ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جو افزودہ يورينيم روس منتقل ڪرڻ بابت صدر پيوٽن جي آڇ رد ڪري ڇڏي آهي۔

آمريڪي ميڊيا جي رپورٽ موجب روسي صدر ايران جو افزودہ يورينيم روس منتقل ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، جيڪا ايران خلاف جاري تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ امڪاني معاهدي جو حصو بڻجي سگهي ٿي۔

رپورٽن موجب روسي صدر اها آڇ هن هفتي ٽرمپ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران پيش ڪئي هئي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ رابطو علائقي ۾ وڌندڙ تڪرار جي پس منظر ۾ ٿيو۔

آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته روس اڳ ۾ به اهڙي تجويز ڏني هئي، پر آمريڪا ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو۔..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں