آمريڪا وچ اوڀر ۾ وڌيڪ جنگي جهاز ۽ 5 هزار فوجي تعينات ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔
وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب آمريڪا خطي ۾ پنھنجي فوجي موجودگي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آھي
آمريڪي اخبار دي وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب آمريڪي بچاءَ واري اداري هزارين آمريڪي ميرينز کي وچ اوڀر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
رپورٽ موجب اهو قدم آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) جي درخواست تي کنيو پيو وڃي۔
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تہ اها درخواست اهڙي وقت ۾ ڪئي وئي آهي جڏھن ايران ابنائي هرمز ۾ جهازن تي حملا ڪرڻ ۽ بارودي سرنگھون وڇائڻ جا قدم کڻي رھيو آهي۔
اخبار موجب 5 هزار ميرينز ۽ نيوي اهلڪارن سان گڏ ڪيترائي جنگي سامونڊي جهاز بہ مقرر ڪيا ويندا۔
ياد رھي تہ آبنائے هرمز دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن لاءِ تيل جي فرھامي جو اهم رستو آهي ۽ ان ۾ رنڊڪ سبب عالمي سطح تي تيل ۽ گيس جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ڏٺو پيو وڃي۔
گذريل ڏينهن ايراني سپريم ليڊر آيت الله مجتبیٰ خامنه اي پنهنجي پهرين پيغام ۾ آبنائي هرمز بند رکڻ جو اعلان ڪيو هو۔….