ڪراچي: سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي تہ پاڪستان ڪسٽمز سنڌ حڪومت جي هڪ سرڪاري گاڏي کي نان ڪسٽم پيڊ قرار ڏئي ضبط ڪري ڇڏيو آهي۔
شرجيل ميمڻ موجب، لاڳاپيل اختيارين کي گاڏي بابت سمورا سرڪاري دستاويز ڏيکاريا ويا، پر ان باوجود گاڏي ضبط ڪئي وئي۔
هن ٻڌايو تہ ضبط ڪيل گاڏي اطلاعات کاتي جي ملڪيت آهي ۽ اها گاڏي ڪمپني جي سرڪاري آئوٽ ليٽس وسيلي خريد ڪئي وئي هئي۔
صوبائي وزير وڌيڪ چيو تہ سنڌحڪومت جي کاتي سان اهڙي نااهلي ۽ نہ قبولڻ جوڳو رويو ڪنهن بہ صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي، پاڪستان ڪسٽمز فوري طور گاڏي واپس کاتي حوالي ڪري ۽ ان معاملي تي لکت ۾ معذرت ڪري….۔