آمريڪي پرڏيھي وزير ايران خلاف جاري فوجي ڪاررواين بابت سخت بيان ڏيندي چيو آھي تہ آمريڪا جو واضح مشن ايران جي بيليسٽڪ ميزائل صلاحيت کي تباھ ڪرڻ آھي، جيئن ھو علائقي ۽ دنيا لاءِ خطرو نہ بڻجي سگھي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي هن دعويٰ ڪئي تہ ايران نار ملڪن ۾ فوجي هدفن سان گڏ غير فوجي هنڌن کي بہ نشانو بڻايو، هوٽلن ۽ رھائشي عمارتن تي حملا ڪيا ۽ سئو کان وڌيڪ ميزائل فائر ڪيا، ايران جي شروعاتي حملن ۾ وڏو جاني نقصان ٿيو۔
مارڪو روبيو چيو تہ جيڪڏهن آمريڪا اڳواٽ ڪارروائي نہ ڪري ها تہ وڌيڪ جاني نقصان ٿي سگهي پيو، هن چيو تہ ايران کي ڪنهن بہ صورت ۾ جوھري هٿيار حاصل ڪرڻ نہ ڏنا ويندا، ڇاڪاڻتہ جيڪڏھن ايران وٽ ميزائلن سان گڏ ايٽمي طاقت اچي وئي تہ هو دنيا کي يرغمال بڻائي سگهي ٿو۔
سندس موجب ايران خلاف فوجي آپريشن تيزي سان اڳتي وڌي رھيو آهي ۽ سڀ قدم عالمي قانونن موجب کنيا پيا وڃن، آمريڪي ڪانگريس کي مڪمل طور اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي..
مارڪو روبيو چيو تہ موجودہ ايراني حڪومت عوام جي حقيقي نمائندگي نٿي ڪري ۽ آمريڪا اهڙي ايران سان محبت ڪري ٿو، جنهن تي موجودہ حڪومت مڙھيل نہ هجي۔
هن اميد ظاهر ڪئي تہ ايراني عوام پاڻ پنهنجي حڪومت کي هٽائيندو ۽ جيڪڏھن کين آمريڪا جي مدد گهربل هجي تہ واشنگٽن جا دروازا کليل آهن….