انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي چيو آھي تہ اسرائيلي ۽ آمريڪا جي حملن کانپوءِ ھيل تائين ڪنھن ايراني ايٽمي تنصيب کي نقصان پھچڻ جو اطلاع ناھي مليو
پرڏيھي خابرو اداري موجب انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي ( آئي اَي اِي اي) جو ھنگامي اجلاس آسٽريا جي گادي واري ھنڌ ويانا ۾ ٿيو، جنھن دوران ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کانپوءِ جي صورتحال تي غور ڪيو ويو.
رپورٽ موجب اجلاس کي خطاب ڪندي انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جي سربراھ رافيل گراسي چيو تہ ھيل تائين ڪنھن ايراني جوھري تنصيب کي نشانو بڻائڻ يا ان کي نقصان پھچڻ جو اطلاع نہ مليو آھي.
ھن چيو تہ ايراني نيوڪليئر اٿارٽي سان رابطي جون ڪوششون جاري آھن پر ھيل تائين ڪو جواب ناھي مليو، اميد آھي تہ ايران سان ڳالھين جو رستو جلد کُلي ويندو.
رافيل گراسي ڌرين تي زور ڏنو آھي تہ اھي صبر جو مظاھرو ڪن ۽ سمورين فوجي آپريشنز ۾ انتھائي صبر کان ڪم ورتو وڃي…