ايران جي تازن حملن کانپوءِ گڏيل عرب امارات تھران ۾ پنھنجو سفارتخانو بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.
يو اي اي جي پرڏيهي کاتي موجب، سفارتخاني بند ڪرڻ جو فيصلو ملڪ جي قومي سلامتي ۽ خودمختياري جي تحفظ لاءِ ڪيو ويو آهي۔ انهيءَ تحت تھران ۾ سفير سميت سمورو سفارتي عملي واپس وطن آندو ويندو۔
پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته ايراني حملا يو اي اي جي خودمختياري ۽ قومي سلامتي خلاف آهن ۽ ان سبب حفاظتي قدمن طور هي قدم کنيو ويو آهي۔…