ڪويت ۾ ڪيترائي آمريڪي جھاز ڪري تباھ ٿيا آھن، جڏھن تہ ايران آمريڪي جنگي جھاز ايف-15 ڪيرائڻ جي بہ دعويٰ ڪئي آھي.
ڪويت جي دفاع واري وزارت چيو آهي تہ اڄ صبح آمريڪا جا ڪيترائي فوجي جهاز ڪري تباهہ ٿيا آهن، دفاع واري وزارت جي ترجمان سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ آمريڪي فوجي جهازن ڪِرڻ جي تصديق ڪئي، جڏھن تہ حادثي جا سبب ظاهر نہ ڪيا ويا۔
ترجمان موجب سمورو عملي محفوظ آهي ۽ لاڳاپيل اختيارين فوري طور ڳولا ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن، عملي کي بحفاظت ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن طبي جائزو وٺي ضروري علاج فراهم ڪيو پيو وڃي۔
ٻئي پاسي ايران جي سرڪاري ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي تہ ھوائي حدن جي ڀڃڪڙي تي آمريڪي F-15 ويڙھاڪ جهاز کي ايراني ھوائي فوج ڪيرايو، جيڪو بعد ۾ ڪويت ۾ ڪري تباهه ٿيو۔ ايراني فوج موجب ڪويت ۾ قائم آمريڪا جي علي السليم ايئر بيس کي نشانو بڻايو پيو وڃي۔
ان کان اڳ روسي ميڊيا بہ ڪويت ۾ آمريڪي ايف-15 جهاز ڪري تباهه ٿيڻ جي خبر ڏني هئي ۽ ٻڌايو هو تہ جهاز جو پائلٽ محفوظ آھي……